اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر اسلام آباد ڏانهن احتجاجي مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان دوران پوليس سان ڇڪتاڻ پڻ ٿي پئي، جنهن ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 70 زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ جا مطالبا مڃڻ کان ٺپ انڪار ڪري ان جي خلاف آپريشن ڪرڻ ۽ مارچ کي رينجرز ذريعي جهلم وٽ هر صورت ۾ روڪڻ جو فيصلو پڻ ڪري ورتو آهي. تحريڪ لبيڪ جو جمع واري ڏينهن کان لاهور کان اسلام آباد ڏانهن احتجاجي لانگ مارچ ڪندڙ قافلو 23 آڪٽوبر تي ضلع گوجرانوالا جي شهر مريدڪي ۾ پهتو هو، جنهن دوران تحريڪ لبيڪ جي اڳواڻن حڪومت کي مطالبن تي عمل ڪرڻ لاءِ 26 آڪٽوبر تائين مهلت ڏني هئي، جنهن تي 26 ۽ 27 آڪٽوبر واري رات دير تائين حڪومت ساڻن ڳالهيون پڻ ڪيون پر انهن جو اهم مطالبو فرانس جي سفارت خاني کي بند ڪرڻ ۽ سفارت ڪار کي ملڪ مان تڙڻ جومطالبو مڃڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کان پوءِ اربعا ڏينهن تي قافلو ٻيهر جي ٽي روڊ تان مريدڪي مان نڪري اسلام آباد ڏانهن روانو ٿيو. قافلي کي روڪڻ لاءِ رستي ۾ ڪنٽينر پڻ رکيا ويا هئا. قافلو جڏهن ساڌوڪي وٽ پهتو ته اتي موجود پوليس کين اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جنهن تان تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن ۽ پوليس جي ڇڪتاڻ ٿي پئي، ان دوران پوليس ڪارڪنن تي اکساڙ گئس جو استعمال ڪيو، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن پڻ پوليس تي پٿرن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ اٽڪل 70 پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿي پيا. ان دوران تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن کي يرغمال پڻ ڪري ورتو، جن ۾ ايس پي رينڪ جو آفيسر پڻ شامل آهي. ٻي پاسي وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ کي هڪ ويڙهاڪ تنظيم طور تي منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اهڙو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي مفادن جي خلاف مطالبا نه ٿا مڃي سگهون، سياسي مقصدن لاءِ تشدد برداشت نه ڪنداسين. ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هوڏانهن تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري پنجاب ۾ 60 ڏينهن لاءِ رينجرز مقرر ڪري ان کي دهشتگردي روڪ ايڪٽ هيٺ پوليس وارا پڻ ڏنا ويا آهن، انهن اختيارن هيٺ سيڪيورٽي اهلڪار دهشتگردي جي ذمري ۾ ايندڙ ڪنهن به ڏوهه کي روڪڻ لاءِ فائرنگ ڪري سگهن ٿا. گهرو کاتي اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تحريڪ لبيڪ وارن پوليس اهلڪارن تي ڪلاشنڪوف سان سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن سان 3 اهلڪار شهيد ٿيا ۽ 70 کان 80 اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن، هن چيو ته پنجاب ۾ 60 ڏينهن لاءِ رينجرز مقرر ڪري ان کي دهشتگردي روڪ ايڪٽ هيٺ پوليس وارا پڻ ڏنا ويا آهن، پنجاب حڪومت جتي به چاهي اتي رينجرز کي مقرر ڪري سگهي ٿي. اسين عوام کي ڪنهن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي نه ٿا سگهون. هن وڌيڪ چيو ته اسين فرانس جي سفارت خانو بند نه ٿا ڪري سگهون، پوري قوم کي ٻڌايان ٿو ته فرانس جو سفير ته پاڪستان ۾ موجود ئي نه آهي. پر تحريڪ لبيڪ جي شايد ايجنڊا ئي ڪا ٻي آهي. پرڏيهي طاقتتن جون اکيون اسان جي ائٽمي پروگرام ۾ کتل آهن. جيڪي ماڻهو هنن کي اڳيان ڪري سمجهن ٿا ته هي حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ سان حڪومت کي ختم ڪري سگهندا پرا انهن کي ٻڌايان ٿو ته هي حڪومت ڪيڏانهن به نه پئي وڃي.تحريڪ لبيڪ تي پاڪستان ۾ پابندي لڳل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان تي عالمي سطح تي پڻ پابندي لڳي وڃي،اڃان به چوان ٿو ته تحريڪ لبيڪ وارا موٽي وڃن، ته آئون به پنهنجي واعدي کي پورو ڪري معاهدي تي عمل ڪندس. ان کان اڳ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ وفاقي وزير فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان جي رياست کي ڪير به ڪمزور سمجهڻ جي غلطي نه ڪري، ڪنهن به صورت ۾ اهو برداشت نه ڪنداسين ته ڪو رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري. ڪنهن به ماءُ جي لال ۾ اها طاقت نه آهي ته هو رياست کي بليڪ ميل نه ٿي ڪري سگهي، تحريڪ لبيڪ وارن جي ته جي ڪا به حيثيت نه آهي. هن وقت تائين اسان گهڻو سهپ جو مظاهرو ڪيو آهي، رياست جي صبر جي پڻ هڪ حد ٿيندي آهي، اسين ڪيترا ڏينهن لحاظ ڪنداسين، هي رياست جي عزت جو سوال آهي. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان ڪا سياسي يا مذهبي پارٽي نه پر هڪ ويڙهاڪ تنظيم آهي جنهن تي پابندي لڳل آهي، ان کي هڪ ويڙهاڪ تنظيم طور تي منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جيئن ٻين دهشتگردن کي ختم ڪيوسين تيئن ئي هنن سان پڻ ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو يو ٽيوب تي مهم هلائي رهي آهي، ڪوڙيون خبرو پکيڙڻ کي برداشت نه ڪنداسين، اهڙن ماڻهن کي سختي سان منهن ڏينداسين، تحريڪ لبيڪ کي سوشل ميڊيا گروپن ۽ ڀارت مان مدد ملي رهي آهي، جن جن ملڪن کان انهن کي حمايت ملي رهي آهي انهن کي پڻ روڪينداسين. هي ڪو نه ڪو بهانو ڪري ٻاهر نڪرن ٿا، اها بهانن سان ڌرڻا هڻڻ تي هري پئي آهي.
108