111

ميان صاحب: مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري ڄاڻائي پنوعاقل واسي نوجوان مارڻ جي دعويٰ، مقابلو ڪوڙو قرار

ميان صاحب (ويب ڊيسڪ) ميان صاحب ڀرسان مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري ڄاڻائي پني عاقل واسي نوجوان مارڻ جي دعويٰ، مقابلو ڪوڙو قرار، ان سلسلي ۾  ميان صاحب ٿاڻي جي حد ۾ رات دير سان پوليس نظام واهي وٽ مبينا ڏوهارين سان مقابلو ڄاڻائي هڪ ڄڻو مارڻ جي دعويٰ ڪئي، مارجي ويل نوجوان جو لاش سلطان ڪوٽ اسپتال آندو ويو، 12 ڪلاڪن بعد نوجوان جي امڙ صدوري ۽ مامو دليل فقير پهچي سڃاڻپ مدد علي پٽ ليمون چاچڙ طور ڪئي، پوليس ٻڌايو ته گشت دوران مقابلي ۾ ڏوهاري ماريو، 2 جوابدار فرار ٿي ويا، هوڏانهن مقتول جي امڙ ۽ مامي ٻڌايو ته نوجوان دوا وٺڻ لاءِ موٽرسائيڪل تي ڳوٺ کان پني عاقل ويو هو، ان کي پني عاقل مان کنڀي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماريو ويو آهي، بعد ۾ اهي لڙڪ لاڙيندا لاش اباڻي ڳوٺ عمر چاچڙ کڻائي ويا، ٻئي پاسي مقابلي جو ڪيس ايس ايڇ او قربان ککراڻي جي مدعيت ۾ مارجي ويل مبينا ڏوهاري مدد علي سميت 2 نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، آخري اطلاعن تائين پوليس مقتول جو ڪرمنل رڪارڊ ظاهر نه ڪري سگهي هئي، پوليس مطابق مارجي ويل وٽان بندوق به هٿ ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو