128

عوام کي بجلي جهٽڪو، نيپرا پاران بجلي 2 رپيا 51 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا ماهوار فيول ايجيسٽمينٽ جي مند ۾ بجلي 2 رپيا 51 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ نيپرا چيئرمين جي سربراهي ۾ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن کانپوءِ نيپرا ماهوار فيول ايجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 51 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صارفين کان ايندڙ مهيني جي بلن ۾ وصولي ڪئي ويندي، بجلي قيمت ۾ واڌ لائيف لائين ۽ ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه ٿيندي، اٿارٽي جاچ پڙتال کانپوءِ فيصلو ڪندي، هوڏانهن نيپرا چيئرمين ٻڌڻي دوران لاڳاپيل عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته گيس جي مقابلي ۾ فرنس آئل وڌيڪ ڇو استعمال ٿيو؟ اها جاچ ڪيو ته سستو تيل ڪهڙو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو