ملتان (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر قبله اياز جي سربراهي ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ رحمت العالمين صه اٿارٽي قائم ڪرڻ بابت قرارداد تي بحث ڪيو ويو، جڏهن ته 12 ربيع الاول تي ملتان ۾ عورت کي حور طور پيش ڪرڻ تي ميمبرن ناراضگي جو اظهار ڪيو، نعت خواني، مرثيه، قصيده ۽ نوحن کي گانن جي طرز تي پيش ڪرڻ جي پڻ مخالفت ڪئي وئي، ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چوڻ هو ته اسلام ۾ اهڙي طرح عورتن کي حور طور پيش ڪرڻ انتهائي غلط قدم آهي، مذهبي رسمن ۾ بازار طرز جي قدم جي مخالفت ڪئي ويندي.
