135

صحافي عروسه عالم پاران آءِ ايس آءِ سان رابطن الزامن جي ترديد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) صحافي عروسه عالم آءِ ايس آءِ سان رابطن ۽ ڀارتي رياست پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير امريندر سنگهه تي اثرانداز ٿيڻ جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، عروسه عالم چيو آهي ته مان 16 سالن کان ڀارت جو ڪليئرنس بعد سفر ڪري رهي آهيان، مون تي اهي الزام غلط آهن ته منهنجو آءِ ايس آءِ سان ڪو رابطو ناهي، جيڪڏهن ائين  آهي ته ڀارتي سيڪيورٽي ايجنسيز جي ڪارڪردگي تي سوال اٿڻ گهرجن، هن چيو ته امريندر سنگهه سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن،  ڪڏهن به سياست تي خيالن جي ڏي وٺ ناهي ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو