109

احتجاج ٽي ايل پي جو قانوني حق آهي، ظالماڻو تشدد ڪيو پيو وڃي: فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي تشدد جي مذمت ڪندي چيو آهي ته احتجاج ٽي ايل پي جو قانوني حق آهي، ظالماڻو تشدد ڪيو پيو وڃي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف خلاف مظاهرو جائز هو ته عمران خان جي خلاف ناجائز ڪيئن ٿي ويو؟، هن وڌيڪ چيو ته ڌانڌلي جي پيداوار جي نگراني ۾ بلدياتي چونڊون ڪيئن قبول ڪري سگهجن ٿيون، ٽي ايل پي معاملي کي بهتر انداز ۾ قانوني طور حل ڪيو وڃي، انساني حق پامال نه ڪيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو