99

اليڪشن ڪميشن پاران وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي ٻيو شوڪاز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ وفاقي وزير اعظم سواتي کي ٻيو شوڪاز جاري ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن ۾ فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي جي خلاف اليڪشن ڪميشن بابت غلط رمارڪس ڏيڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، فواد چوڌري جو ڪوبه وڪيل پيش نه ٿيو، جڏهن ته اعظم سواتي جي معاون وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اعظم سواتي رستا بند هجڻ جي ڪري پيش نه ٿي سگهيو آهي،  اسان به وڏي مشڪل  سان پيش ٿيا آهيون، جنهن تي اليڪشن ڪميشن چيو ته غلط رمارڪس ڏيڻ تي ٻنهي کي هڪ وڌيڪ شوڪاز نوٽيس جاري ڪريون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو