141

شاعر شاڪر شجاع آبادي کي موٽرسائيڪل تي اسپتال کڻي وڃڻ جي وڊيو وائرل

لاهور (ويب ڊيسڪ) 400 گيت لکندڙ مشهور سرائيڪي شاعر شاڪر شجاع آبادي کي موٽرسائيڪل تي اسپتال کڻي وڃڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شاعر شاڪر شجاع آبادي کي پٽ موٽرسائيڪل تي اسپتال وٺي وڃي رهيو آهي، سندس حالت ايتري خراب آهي جو هو موٽرسائيڪل تي نٿو ويهي سگهي، سرائيڪي جو وڏو شاعر هن وقت غربت  سبب وڏي پريشاني ۾ زندگي گذاري رهيو آهي،  سندس پٽ جو چوڻ هو ته بابا جي حالت گهڻي خراب آهي، حڪيم وٽ وٺي وڃي رهيو هئس، حڪومتي ڪاغذن ۾ اسان کي وظيفو ڏنو وڃي ٿو، پر ملي نٿو، ٽئڪسي ڪرڻ جا پئسا ناهن، ٻئي طرف سنڌ ۽ پنجاب حۡڪومت شاعر شاڪر شجاع آبادي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، سندس پٽ سان پڻ رابطو ڪيو ويو، سندس پٽ وليد شاڪر ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ۽ پنجاب حڪومت سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو