115

آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ويجهو پهچي چڪا آهيون پر ان جا تفصيل نه ٻڌائبا: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته  آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ويجهو پهچي چڪا آهيون پر ان جا تفصيل نه ٻڌائبا. سعودي عرب 4.2 ارب ڊالرز جو پئڪيج ڏنو آهي، جنهن تي 3.2 سيڪڙو جي شرح سان وياج ادا ڪرڻو پوندو. توانائي واري وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته سعودي عرب سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي، معاهدي جا معاملا هاڻي طئي ٿيا آهن. وزيراعظم جي هاڻوڪي دوري دوران سعودي عرب ان جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته اسان سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر اسٽيٽ بينڪ ۾ ڊپازٽ طور رکڻ لاءِ چيو هو. سعودي عرب 4.2 ارب ڊالرز جو پئڪيج ڏنو آهي. اها رقم ملڻ اسان لاءِ لاڀائتي آهي. هن رقم جو آءِ ايم ايف سان ڪو به تعلق نه آهي.ناڻي واري وزير ٻڌايو ته سعودي عرب جي پئڪيج جي شرطن ۾ ڪا به ڦيرڦار نه ٿي آهي، هنن گذريل پئڪيج جي شرطن تي نئون پئڪيج ڏنو. هن پئڪيج تي 3.2 سيڪڙو جي شرح سان وياج ادا ڪيو ويندو. شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ويجهو پهچي چڪا آهيون، مون کان اها خاطري وٺي ڇڏيو ته هڪ اڌ شيون رهيل آهن جن تي اسان جو بحث ٿي رهيو آهي، اهي به هڪ ٻن ڏينهن ۾ طئي ٿي وينديون، آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويندو، پر آءِ ايم ايف سان ان معاهدي جا تفصيل نه ٿا ٻڌائي سگهون. معاهدو ٿيڻ سان مارڪيٽ ۾ ان جا چڱا اثر پوندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو