114

اڪري واسي فوجي جوان وزيرستان ۾ دهشتگردن سان وڙهندي شهيد

اڪري چودڳي (ويب ڊيسڪ) اڪري واسي فوجي جوان وزيرستان ۾ دهشتگردن سان وڙهندي شهيد، ان سلسلي ۾ ڳوٺ قائم الدين موروجو واسي شوڪت علي موروجو وطن تان جان قربان ڪري ڇڏي، وارثن موجب شهيد سان گڏ موجود ٻين ساٿين اطلاع ڏيندي ٻڌايو ته وزيرستان ۾ آپريشن دوران بم ڌماڪي ۾ شوڪت علي موروجو جي شهادت ٿي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان 13 سال اڳ پاڪ آرمي ۾ ڀرتي ٿيو کيس 2 پٽن ۽ 4 نياڻين جو اولاد آهي، هو 2 مهينا اڳ موڪل تي ڳوٺ آيو هو، جتان واپسي تي کيس وزيرستان موڪليو ويو هو، هوڏانهن اطلاع تي گهرڀاتين سميت ڳوٺ ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي ۽ وارثن تڏو پڻ وڇائي ڇڏيو آهي، وارثن موجب شهيد جو مڙهه ڳوٺ آڻڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن، کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو