108

اسلام آباد، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ طالبان سفارتڪار مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ طالبان سفارتڪار مقرر ڪيا ويا آهن، چئن مان ٽن سفارتڪارن پنهنجي ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، بي بي سي موجب اهي مقرريون فرسٽ سيڪريٽريز جي حيثيت سان ڪيون ويون آهن، سردار احمد شڪيب کي اسلام آباد ۾ افغان سفارتخاني ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته  حافظ محب الله شاڪر کي پشاور، گل حسن ابو محمد کي ڪوئيٽا ۽ عباس خان محمد کي ڪراچي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو