126

نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪاميٽي ۾ 7 شين جي قيمت ۾ گهٽتائي جي دعويٰ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪاميٽي ۾ 7 شين جي قيمت ۾ گهٽتائي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين جي سربراهي ۾ نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، ان موقعي تي ناڻي واري سيڪريٽري اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل هفتي مهانگائي جي شرح ۾ 1.38 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي،7 شين جي قيمتون پڻ گهٽ ٿيون آهن، 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 11 سئو رپيا ملي ٿو، ان موقعي تي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين چيو ته سنڌ ۾ اٽي جون قيمتون گهٽائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو