دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪ-ڀارت مئچ کانپوءِ پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر ۽ اڳوڻي ڀارتي اسپنر هربجن ۾ سوشل ميڊيا تي لفظي گولا باري شروع ٿي وئي آهي، رپورٽ مطابق پاڪستان هٿان ڀارت جي شڪست کانپوءِ محمد عامر هربجن کي تنگ ڪندي ٽوئيٽ ڪيو ته هربجن پاجي توهان پنهنجو ٽي وي ته ناهي ٽوڙيو، جنهن تي هربجن عامر کي مئچ فڪسنگ جا طعنا ڏيڻ شروع ڪري ڏنا، محمد عامر هربجن کي جواب ڏيندي چيو ته لڳي ٿو ته پاجي کي ڪاوڙ اچي وئي آهي، ڀڄو ڀڄو لالا آيو آهي.
