93

حڪومت معاملا خراب پئي ڪري، ويڙهاڪ گروپ اهو آهي جنهن 126 ڏينهن جو ڌرڻو هنيو: تحريڪ لبيڪ

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري  جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته حڪومت معاملا خراب پئي ڪري، ويڙهاڪ گروپ اهو آهي جنهن 126 ڏينهن جو ڌرڻو هنيو، ۽ ان ڌرڻي دوران پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملو پڻ ڪيو. تحريڪ لبيڪ پاڪستان هڪ مذهبي پارٽي آهي جيڪا اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽر پڻ ٿيل آهي. اسان جي ايجنڊا رڳو رسالت جي ناموس ئي آهي. بيان ۾ ترجمان وڌيڪ چيو ته تحريڪ لبيڪ تي دهشتگرديءَ جو ٺپو لڳائيندڙ  مقتدر ڌريون پهرين پنهنجي اندر جهاتي پائي ڏسن. فرانس جي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ جو معاملو پارليامينٽ ۾کڻي وڃڻ جو واعدو به حڪومت ڪيو هو. حڪومت جيڪو معاهدو ڪيو هو سو ان پاڻ ئي ٽوڙيو آهي، ريلي ۾ شريڪن تي طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي. ان سان حڪومت معاملو ويتر خراب ڪري رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو