140

قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي: عثمان بزدار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار 4 پوليس اهلڪارن جي شهيد ۽ 253 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ۽ تشدد جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، حڪومت صوبي ۾ امن امان برقرار رکڻ جي ذميواري ڀرپور طريقي سان نڀائيندي، ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ۽ گورنر چوڌري محمد سرور جي قيادت ۾ ڪشمير ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير عثمان بزدار چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو، وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو ڪيس ڀرپور طريقي سان وڙهي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو