107

نصيرآباد ۾ مامن وٽ گهمڻ لاءِ آيل راڌڻ واسي 29 ورهين جو نوجوان توفيق ابڙو گولين جو کاڄ بڻجي ويو

نصيرآباد (ويب ڊيسڪ) نصيرآباد ۾ مامن وٽ گهمڻ لاءِ آيل راڌڻ واسي نوجوان گولين جو کاڄ بڻجي ويو، نوجوان توفيق ابڙو گذريل ڏينھن پنھنجي مامي ڏانھن نصير آباد ويو ھو، شام جو نصيرآباد ويجھو ڳوٺ جاني بند وٽ انڊس ھاءِ وي تي ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس 29 ورھين جي نوجوان توفيق ابڙو جو لاش تحويل ۾ وٺي راڌڻ ٿاڻي تي اطلاع ڏنو، نصير آباد اسپتال مان پوسٽ ماٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنھن کي راڌڻ سندس گھر آندو ويو ، لاش جي پھچڻ تي نوجوان جي والدين ۽ وني کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا ۽ ماحول سوڳوار ٿي ويو، مقتول نوجوان کي ڪنھن قتل ڪيو وارو سوال بدستور برقرار آھي، جڏھن ته اھي افواھ گردش ۾ آھن ته نصيرآباد ۾ رھندڙ سندس مامن ۽ بروھي برادري ۾ دشمني ھئي، جنھن تان قتل ٿيو آھي، ٻئي طرف قومي ڪارڪن ھجڻ سبب ڪجهه سال اڳ سن ۾ ورسي تان واپسي تي کنڀجي ويو ھو ۽ ڪيترائي مھينا گم رھڻ بعد واپس آيو ھو، مقتول نوجوان توفيق ابڙو جو والد رفيق احمد ابڙو گلشن حديد ڪراچي ۾ سيلون ھلائيندو آھي ۽ اتي ئي رھندا آھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو