154

مخالف ڌر کي مهانگائي ماريل عوام جي قيادت ڪرڻ گهرجي..

ليکڪ: صاحب خان ڀٽي

پاڪستان جي تاريخ ۾هي پهرين وفاقي حڪومت آهي،  جيڪا ايماندار ۽مديني واري رياست جهڙي هجڻ جي دعويدار آهي، ايتري قدر جو  وزيراعظم عمران خان کي صادق ۽ امين هجڻ جو به سرٽيفڪيٽ مليل آهي، جڏهن کان تبديلي سرڪار جي حڪومت قائم ٿي آهي، ان ڏينهن کان ملڪ ۾ مهانگائي ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي پر حڪمران سمورو ملبو ماضي جي حڪمرانن تي وجهي رهيا آهن ته اهو سڀ ڪجهه ماضي جي حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سڀ کان وڌيڪ خراب حالت ۾ پاڪستان  مسلم ليگ (ن) کي مليو، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي حڪومت هئي، ان ۾ به بدامني ته ايتري نه هئي پر بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ٻيا مسئلا موجود هئا پر پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ڪراچي ۾ دهشتگرد ايترا ته منظم ٿيا، جو سيڪيورٽي اهلڪارن جي موجودگي ۾ به روڊن ۽ رستن تي رتو ڇاڻ هئي، عالمي دهشتگرد ڪراچي جي روڊن تي شهرين  جا ٻوري بند لاش اڇلائي هليا ويندا هئا، ڪو به انهن کان پڇڻ وارو نه هوندو هو ، پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ ته دهشتگرد جنهن مهل چاهيندا هئا، سڄو شهر بند ڪرائي وٺندا هئا پر پيپلزپارٽي جا ان وقت جا حڪمران  ڪنهن به ڪارروائي جو حڪم نه ڏيندا هئا، عالمي سطح تي ڪراچي شهر کي غير محفوظ سمجهيو ويندو هو، جڏهن پيپلزپارٽي وفاق کان نڪتي ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آئي ته ان وقت دهشتگردن جون ننڊون ڪراچي ۾ حرام ٿيون ۽ ڪراچي جي شهرين سڪون جو ساهه کنيو، اڄ به اسان جيڪي ڪراچي ۾ سڪون سان رهي رهيا آهيون، ان جو ڪريڊٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ڏانهن ئي وڃي ٿو نه ته اهي دهشتگردن نه سيڪيورٽي اهلڪارن کان ڊڄندا هئا نه ئي وري انهن خلاف ڪا ڪارروائي ٿيندي هئي، ايتري قدر جو کين نفيس جو لقب ڏنو ويندو هو.  بهرحال مسلم ليگ (ن) جي ڪري ملڪ ۾ بيروزگاري، مهانگائي سان گڏ بدامني تي به ضابطو آيو، پر تبديلي سرڪار  ٽئڪس مٿان ٽئڪس لڳائي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي،  پيٽروليم شين ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ته روز جو معمول بڻجي وئي آهي، ڊالر جو مُلهه وڌڻ سبب ملڪ جو رپيو ڏينهن ڏينهن ڪري رهيو آهي حڪمران ان ڳالهه ۾ خوش آهن ته پرڏيهه ۾ ويٺل پاڪستانين کي فائدو پهچي رهيو آهي، 22 ڪروڙ ملڪ جي عوام تي  مهانگائي جو بار وڌي ويو، پر حڪومت کي ڪا ڳڻتي نه آهي، ڪيتريون صنعتون بند ٿي ويون، ماڻهو بيروزگار ٿي ويا پر  موجوده حڪمران انهن جو ذميوار ماضي جي حڪومتن کي قرار ڏين ٿا، هي ملڪ جي واحد حڪومت آهي، جنهن کي ڪنهن جو به ڊپ نه آهي ۽ تاريخ ۾ اهڙي اپوزيشن به ڪنهن کي نه ملي هوندي، جهڙي پي ٽي آءِ حڪومت کي ملي آهي. ماضي ۾ پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ هڪٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ لاءِ روڊن تي هونديون هيون، لانگ مارچ به ٿيندا هئا، عدالتن ۾ به سندن خلاف ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿينديون هيون، پر تبديلي سرڪار انهن سمورن معاملن کان آجي آهي، عمران خان کي ته ايتري فرينڊلي اپوزيشن ملي آهي جو اهي پاڻ ۾ به نه ٿا ٺهن، جڏهن به اسيمبلي ۾ ڪو به بل پيش ٿيندو آهي يا وري چونڊ ٿيندي آهي ته ان وقت به اپوزيشن ورهائجي ويندي آهي ۽ فتح حڪمران ڌر کي نصيب ٿيندي آهي.  تبديلي سرڪار جي  ٽن سالن دوران اپوزيشن اڳواڻن تي جيتري تنقيد ٿي آهي، عوام ايترو ئي اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته ماضي جي حڪومتن ۾ ڊالر مستحڪم ڇو هو ۽ مهانگائي  ايتري ڇو نه هئي، آخر هي  نئين پاڪستان جو نعرو هڻي  حڪومت ۾ ايندڙ پارٽي ملڪ ۾ ايڏي مهانگائي ڇو ڪئي؟، شايد انهن سوالن جو جواب مشڪل ملي سگهي، حڪومت ته  اهو  ئي چوندي ته اهو سڀ ڪجهه  ماضي جي حڪمرانن جي ڪري ئي ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسواڙ تي گهر وٺندو آهي ته جهڙي حالت ۾ هوندو آهي، انهيءَ حالت ۾ مالڪ مڪان کي ڏيڻو پوندو آهي، پر  عمران خان کي جهڙي حالت ۾ پاڪستان مليو،  شايد اهو ملڪ هاڻ ڪا پارٽي مشڪل سنڀالي سگهي، جيترا  قرض هن حڪومت کي مليا ۽  پرڏيهي امداد ملي، شايد ئي ڪنهن ٻي حڪومت کي ملي هجي، موجوده وزيراعظم عمران خان جڏهن حڪومت ۾ نه  هو تڏهن چوندو هو ته جڏهن ملڪ ۾ ڊالر جو اگهه وڌي ۽ ٽيڪسن لڳن ته سمجهجو اوهان جو وزيراعظم چور آهي، هاڻ جيڪڏهن ڪو اهي وڊيو رڳو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ٿو ته تبديلي پسندن کي ڪاوڙ ٿي لڳي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته گذريل ٽن سالن دوران پيپلزپارٽي صو بائي حڪومت آهي ۽  باقي ٽن صوبن م پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان  ۽ مسلم ليگ (ن) چونڊن کي ڌانڌلي قرار ڏئي سراپا احتجاج آهن، اپوزيشن جو اتحاد ٺهيو پر  اهو به گهڻي دير تائين هلي نه سگهيو ، اپوزيشن ۾ اختلافن سبب  موجوده حڪمرانن کي ٽن سالن تائين حڪومت  ڪرڻ جو موقعو ملي ويو، هاڻ وري  پي ڊي ايم طرفان تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي پر اها تحريڪ ڪيتري دير تائين هلي سگهندي، ان بابت ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي، پي ڊي ايم جي احتجاج واري اعلان سان عوام کي فائدو ٿيندو يا نه؟ پر  اها حقيقت آهي ته هن وقت  عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ويو آهي ته جيئن اها ان مان نڪري نه سگهي ۽ حڪمران پنهنجو مدو پورو ڪري هليا وڃن، اپوزيشن جماعتون ته پنهنجي جند ڪرپشن ڪيسن مان ڇڏائڻ ۾ لڳيون پيون آهن پر ماضي ۾جڏهن ٻه رپيا به پيٽرول  جو اگهه وڌندو هو ته عوام روڊن تي اچي ويندو هو، اهو ان ڪري ٿيندو هو جو سياسي پارٽيون عوام جي قيادت ڪنديون هيون، هن  وقت عوام جي قيادت ڪرڻ لاءِ ڪو تيار نه آهي، جنهن سبب عوام خاموش آهي، ڪا به سياسي پارٽي اڃا تائين موجوده مسئلن جي حل لاءِ  عوام جي قيادت ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. غريب طبقو ٻن ويلن  لاءِ پريشان آهي ۽  حڪمران  چئي رهيا آهن ته ملڪ جو عوام 2 سئو رپيا پيٽرول به خريد ڪري وٺندو، غريب عوام جي ڏهاڙي ساڳي آهي، پورهيتن  جي اجرت ۾ واڌ ناهي ٿي پر پيٽرول ۽ ٻين شين جا اگهه ڏينهو ڏينهن چوٽ چاڙهيا پيا وڃن، وزيراعظم عمران خان مديني واري رياست ٺاهڻ جو چئي مهانگائي واري ميٽر جي سئي سئو تي رکي ڇڏي آهي، جنهن سبب عوام   آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، بک ۽ بدحالي جي ڪري عوام ذهني مريض ٿيندو پيو وڃي پر تبديلي سرڪار  هڪ بيان ڏئي رهي آهي ته ٿورو صبر ڪيو، اڃا مديني واري رياست ٺهڻ واري مرحلي ۾ آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهيءَ مرحلي ۾ ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،  والدين ٻچن کي بکيو ڏسي آپگهات ڪري رهيا آ هن، اهڙي مهانگائي ماضي جي حڪومت ۾ نه هئي، جهڙي  موجوده صادق ۽ امين قرار ڏنل حڪمرانن جي دور ۾ آهي، هي ملڪ هن وقت خوشحالي جي دڳ تي هلندو هجي يا نه موجوده حڪمران ضرور هلي رهيا آهن، راتو رات عوام جي کيسن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي پر ڪو به کانئن پڇڻ وارو نه آهي، اڳ ۾ جڏهن به  ٽيڪس لڳندا هئا، ڪو نه ڪو ادارو نوٽيس وٺندو هو پر هن حڪومت کي کلي ڇوٽ مليل آهي، نئون پاڪستان ۽ مديني واري رياست ٺهي يا نه ٺهي پر پراڻو پاڪستان ضرور ٻڏندي نظر اچي رهيو آهي، اپوزيش کي گهرجي ته عوام جي قيادت ڪن ۽ عوام تي عذاب بڻيل حڪمرانن خلاف اثرائتي تحريڪ هلائين ۽ پنهنجا اختلاف ختم ڪن ته جيئن عوام ۾ وڌندڙ آپگهات واري لاڙي ۽ غربت جو خاتمو اچي سگهي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو