ليکڪ: گلشن سنڌو
ڪو دور صرف پرنٽ ميڊيا جو دور هو، ريڊيو جو دور هو پرنٽ ميڊيا ۾ اخبار اسان کي ملڪي جي سياسي، سماجي، موسمياتي صورتحال سميت ڪرنٽ افيئرز بابت ڄاڻ ڏيندي هئي ته ريڊيو وري خبرن سميت تفريح به ڏيندو هو مون کي ياد آهي ته اسان جي امڙ جي دور ۾ به ريڊيو هو، تڏهن امڙ ٻڌائيندي هئي ته ريڊيو تي فيملي جي لاءِ مثبت پروگرام نشر ٿيندا هئا هڪ پروگرام ايندو هو جنهن ۾ ٻڌندڙن کان اهم معاملن تي مشورا ورتا ويندا هئا، ان پروگرام ۾ ڪنهن عورت لاءِ ٻڌندڙن کان اهو مشورو گهريو ويو ته اها عورت پنهنجي گهران رُسي اچي مائٽن ۾ ويٺي آهي کيس صحيح صلاح ڏيندي سندس مسئلي جو حل ٻڌايو وڃي ته ٻين جي مشورن سان گڏ منهنجي والده به خط جي ذريعي کيس پنهنجي گهر وڃڻ جو مشورو ڏنو، ٻئي پروگرام ۾ ان عورت جي مسئلي جو حل ٻڌايو ويو ۽ حل ۽ مشورو ڏيندڙن جا نالا به انائونس ڪيا ويا جنهن ۾ منهنجي امڙ جي مثبت مشوري جا ٿورا به مڃيا ويا، اهي ريڊيو جا پروگرام به سماج جي بهتريءَ لاءِ هوندا هئا چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي اهو ئي سبب آهي ته ڌرتيءَ جي گولي تي انسان هر وقت نئين کوجنا ۽ اڳڀرو ٿيڻ لاءِ انيڪ جتن ڪري ٿو، ڪي نيون ايجادون ڪرڻ چاھي ٿو جنهن سان پنهنجي زندگي آسان ۽ سفل بڻائي، وقت جي وير سان هو ترقي چاهي ٿو نواڻ چاهي ٿو، تيزي چاهي ٿو هر شي منٽن بدران سيڪنڊن ۾ ڪرڻ چاهي ٿو ۽ انسان جي اها ضرورت کيس ڪا نئين ايجاد ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿي پوءِ اها ڪڏهن ڪمپيوٽر، ڪڏهن فيس بڪ ته ڪڏهن ٽئٽر، انسٽاگرام، واٽس ايپ ۽ ٻين ايپن جي صورت ۾ سامهون اچي ٿي، اهڙي ايجاد ته انساني سهولت ۽ وقت جي بچت لاءِ ڪئي وئي پر هر ماڻهو ان کي پنهنجي سوچ جي وسعت مطابق استعمال ڪندي معاشري تي منفي يا مثبت اثر ڇڏي ٿو، دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو موجود آهن هڪڙا منفي سوچ رکندڙ ۽ ٻيا مثبت سوچ رکندڙ، سوشل ميڊيا تي به اهي ٻئي سوچون موجود آهن، پر اڄڪلهھ سوشل ميڊيا تي هڪٻئي لاءِ منفي رويا روح کي رهڙي ڇڏين ٿا مختلف طريقن سان هڪٻئي کي هيٺانهون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي جنهن جا ڪي چڱا نتيجا نه ٿا نڪرن. سوشل ميڊيا تي تي باقاعده گروپ بنديءَ سان ڪنهن خاص دائري تائين هڪٻئي جي ڪم ۽ پوسٽن کي ساراهيو وڃي ٿو جيڪڏهن ڪير به ڪنهن ٻئي گروپ کي گهٽ ڏيکارڻ لاءِ پوسٽون رکي ٿو ته ٻيو گروپ وري ٺهھ پهھ ان جو جواب ڏئي ٿو ائين ئي جهيڙو وڌي وڻ ٿئي ٿو ۽ اها گروپ بندي عام پڙهندڙن کي پريشان ڪري ٿي، جنهن جا معاشري تي منفي اثر پون ٿا. سوشل ميڊيا تي گار گند جو ڪلچر به ڪاهي پيو آهي جيڪو نه صرف عروج تي آهي پر ڪنهن به شريف النفس انسان جي ساک کي نقصائڻ لاءِ ڪافي آهي، ڪجهھ عرصو اڳ ٽوئيٽر بهتر هو پر اڄڪلھه لوز ٽاڪ شروع ٿي وئي آهي. انهن ۾ ڪجهه ماڻهو ته اهڙا آهن جيڪي هڪٻئي کي گارگند ڪري ٽن مهينن کانپوءِ وري ڪنهن ٻئي پليٽ فارم تي هڪٻئي سان گڏ نظر اچن ٿا، ڪجهه عورتون به اهڙيون آهن جيڪي پهريان حراسان جا الزام هڻن ٿيون ۽ پوءِ ساڳين مردن سان گڏ نظر اچن ٿيون. سوشل ميڊيا جي ترقي سان گڏ ماڻهن شهرت جا به نوان نوان طريقا ڳولي لڌا آهن، هر وقت واويلا ڪري شهرت حاصل ڪرڻ جو هنر به ايجاد ڪيو آهي، تنقيد اها بهتر هوندي آهي جنهن ۾ اصلاح ۽ تعمير هجي ۽ لا ڀ به پرائجي، اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي تنقيد گهٽ ذاتي دشمني وڌيڪ نڀائجي ٿي، تخليق بدران ذات تي حملا ڪيا وڃن ٿا، پر جيئن ته قابل ماڻهو پنهنجي تخليقي صلاحيت تي يقين رکن ٿا، ان ڪري اهي پنهنجي راهه هموار ڪري وڃن ٿا، سوشل ميڊيا تي پنهنجي سوشل ورڪنگ تخليقون شيئر ڪري صلاحيتن جي دائري کي وڌيڪ وسيع بنائي سگهجي ٿو ان لاءِ ضروري آهي ته منفي سوچ ختم ڪري مثبت پهلوئن مان لاڀ حاصل ڪيون، هونئن به جيڪڏهن اسان چاهيون ته خراب مان خراب شيءِ مان به ڪي چڱايون ڪڍي سگهون ٿا ۽ جيڪڏهن چاهيون ته سٺي مان سٺي شيءِ مان به ڪي برايون نڪري سگهن ٿيون، هن مضمون جو مقصد رڳو اهو آهي ته اسان پنهنجي روين ۾ ڪيترا خالص آهيون ۽ اسان پنهنجي پاڻ جي ڪيتري اصلاح ڪريون ٿا، ڇا ڄاڻايل روپن ۾ ڪو روپ اسان جو به آهي، يا اسان ۾ به ڪي خاميون آهن، هونئن به هر ماڻهو پنهنجو نقاد پاڻ هوندو آهي، اسان کي پنهنجين خامين کي به ڏسڻو پوندو ۽ ان کانپوءِ انهن ۾ اصلاح آڻڻي پوندي، ڇو ته دنيا ۾ اهڙو ڪو به معاشرو نه آهي جيڪو اصلاح کانسواءِ ترقي جي منزلن تي پهتو هجي، ضروري ناهي ته هر ڳالهه اسان کي ڪو ڏاهو اچي سمجهائي، جيڪڏهن اسان شعور وند آهيون ته اسان پاڻ به پنهنجي خامين تي نظر رکي انهن کي سٺائين ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا، تبديلي هونئن به ڪائنات جو مظهر آهي، جيڪڏهن تبديلي نه آهي ته سماج، معاشرو، سوچ يا ماڻهو بيٺل پاڻي وانگر ٿي ويندا آهن ۽ بيٺل پاڻي ته ڪجهه وقت کانپوءِ خراب ئي ٿيندو آهي، ان ڪري اچو ته پاڻ ۾ سٺيون تبديليون آڻيون ۽ پنهنجي سوچ جو دائرو وڌايون ته جيئن اسان هن سماج لاءِ ڪي چڱا عمل ڪري وڃون، ڪي سٺا مشورا ئي ڏئي وڃون، جيڪڏهن اسان جي ڪنهن هڪ به چڱي مشوري يا عمل تي ڪو بهتر گس وٺي ٿو ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڪاميابي ٿي سگهي ٿي.