127

هن ڀيري آئين ئي سرخرو ٿيندو..

ليکڪ: عاصمه شيرازي

قلم جي ڪمان ۾ لفظن جا تير ڪيتري قدر طاقتور آهن ان جو اندازو اڳ به هو ۽ هاڻ به، لفظن جي حرمت جي تقاضا اڳ به هئي ۽ هاڻ به، حرف تي ڪو داغ نه اچي اهو احساس اڳ به هو ۽ هاڻ به، اقتدار جي ايوانن ۾ موجود ارباب اختيار قلم کي قيد نه اڳ ڪري سگهيا هئا ۽ نه هاڻ ڪري سگهندا. گذريل هفتي جي ڪالم ۾ ڇا هو جو ڀونچال اچي ويو ۽ پوءِ ان ڀونچال ۾ جيترو حوصلو مليو ان مان اهو يقين به پختو ٿيو ته دليل اڃا به حاوي ۽ سرخرو آهي، سوال جي طاقت کي جيڪو به انڪاري ٿيو اهو دليل جي راهه کان ڀٽڪي ويو، سقراط صرف سوال پڇندو ۽ ان جي طاقت سان دانائيءَ جون راهون کولي ڇڏيندو هو، سلوني سلوني جي صدا جواب لاءِ بي تاب هوندي هئي، ڇو ته چوڻ وارو بابل علم به هو ۽ وقت جو حاڪم به هو، ڪٿي سوال پڇڻ جو شوق ته ڪٿي جواب ڳولڻ سان عشق، ته سوال هميشه ڪوڙ جو چهرو بي نقاب ڪيو، جڏهن ته سچ لازوال رهيو، سوال ڪڏهن زهر پيئڻ تي اچي بيهي ته جواب پاڻ کي علم جي عدالت ۾ شاهد بڻائڻ تي نازان آهي، گذريل هفتي جي ڪالم ۾ حقير فقط موجوده حالتن کي موضوع بڻايو پر اختلاف جي گنجائش کي ختم ڪندڙ ۽ معاشري کي بدبودار بڻائڻ وارا اها سوچ ڪٿي رکن ٿا ته اختلاف جمهوريت جو حسن ۽ تنقيد صحافين جو اصل ڪم آهي. اهو ڪم جيڪو اسان کان اڳ ڪيترن ئي سرانجام ڏنو آهي، ڪوڙا کائيندڙ ناصر زيدي، خاور نعيم هاشمي، پابنديون برداشت ڪندڙ آءِ اي رحمان، مهناج برنا، نثار عثماني يا رضيا ڀٽي جهڙا بهادر ايڊيٽر ۽ ڪيترائي مرد قلندر ان جو مثال آهن، بلوچستان جا صحافي هجن يا وزيرستان جا، ڪراچي هجي يا لاهور، سر ڦرين قلم ڪارن ۽ صحافين جي هڪ فوج آهي، جن جو هٿيار اڄ به قلم ۽ جن جو آواز اظهار جي آزادي آهي، اختلاف جي قبيلي جو اصل روپ آمريتن جا جمهوريت نما آمريتن ۾ ئي ڏسڻ لاءِ ملي ٿو، خاص ڪري انهن دورن ۾ جيڪي فاشزم تي ٻڌل هجن، جن ۾ اظهار جي هر طريقي تي پابنديون هجن، ڊرامي جي اسڪرپٽ کان وٺي صحافي جي قلم تائين شاعر استعارن کان نثر نگاري جي تحرير تائين تنقيد نگار جي ڪاٽ کان طنز نگار جي تشريح تائين سڀ پابند بڻايا وڃن ۽ بند اکين، ٻوڙن ڪنن ۽ گونگن آوازن وارو معاشرو تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، اهڙي معاشري کي پاڪستان جي صحافين ۽ اهل دانش نه اڳ تسليم ڪيو ۽ نه ئي هاڻ قبول ڪندا، ڪوڙ جي بازار ۾ وڏن اگهن تي قلم خريدڻ وارا اهل اقتدار ڪنڌ مٿي رکڻ وارن بهادرن کي صرف  الزام ۽ بهتان سان ڪيئن ٿا روڪي سگهن؟ سچ صليب به بخشي سگهي ٿو پر بي موت نٿو مري سگهي، قلم جي حرمت جو اندازو رڳو ڏهاڙيدار نه ته لڳائي سگهن ٿا ۽ نه ئي سچ کي حالتن جي تابع ڪري سگهن ٿا. وطن عزيز حقيقت ۾ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، معيشت، سياست ۽ صحافت ارتقا جي مرحلن کان اڳ ئي التويٰ جو شڪار ٿي چڪي آهي، بک ۽ افلاس ۾ واڌ ۽ مٿان وري هڪ صفحي تي نه هجڻ بيچيني وڌائي رهيو آهي، سوال گذريل هفتي به اهو ئي هو ۽ هن هفتي به اهو ئي آهي اهي ڪهڙيون قوتون هيون جن ننڍڙي معاملي کي وڌايو، سوال اهو به آهي ته آمريڪا پاڪستان سان ڪهڙي فضائي ٺاهه جي ويجهو پهچي چڪو آهي، جيتوڻيڪ اسان ”ايبسوليوٽلي ناٽ“ جو اعلان ڪري چڪا آهيون، سوال اڃا به اهو ئي آهي ته ذاتي پسند ناپسند ادارن جي جاءِ تي فرد ۽ شخصيتن کي ترجيح ڇو ڏني پئي وڃي؟ ملڪ معاشي ۽ سياسي بحران جو شڪار ٿي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ ميڊيا جي ادارن سان تڪرار رڳو افراتفري کي جنم ڏئي رهيو آهي، عوام جي مسئلن جو حل سياسي پارٽين وٽ آئين جي صورت ۾ موجود آهي، سياسي پارٽيون انا کان نه آئين کان رهنمائي وٺنديون آهن ۽ هن ڀيري آئين ئي سرخرو ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو