101

وفاقي حڪومت پيٽرول کانپوءِ وري بجلي مهانگي ڪري ڇڏي

ايڊيٽوريل

نيپرا ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 2 رپيا 51 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اسلام آباد ۾ نيپرا چيئرمين جي سربراهي ۾ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن کانپوءِ نيپرا ماهوار فيول ايجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 51 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني وئي، جيڪا رقم صارفين کان ايندڙ مهيني جي بلن ۾ وصولي ڪئي ويندي، بجلي قيمت ۾ واڌ لائيف لائين ۽ ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه ٿيندي، اٿارٽي جاچ پڙتال کانپوءِ فيصلو ڪندي، نيپرا چيئرمين ٻڌڻي دوران لاڳاپيل عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته گيس جي مقابلي ۾ فرنس آئل وڌيڪ ڇو استعمال ٿيو؟ اها جاچ ڪيو ته سستو تيل ڪهڙو آهي، نه رڳو ايترو پر اوگرا به ايندڙ 5 مهينن تائين تيل قيمتون وڌڻ جي خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي، سينيٽ ڪاميٽي اوگرا کي تيل قيمتون وڌائڻ جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته اوگرا مافيا جي سهولتڪار بڻيل آهي، سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس راڻا مقبول احمد جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ اوگرا چيئرمين پيش ٿيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ٻين ميمبرن چيو ته اوگرا تيل قيمتن ۾ واڌ جي ذميوار آهي، پيٽروليم شيون گهٽ قيمت تي گهرائي مهانگيون وڪرو ڪيون وڃن پيون، پڇاڻو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ 22 ڏينهن جون پيٽروليم شيون ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي ته پوءِ مهيني ۾ 2 ڀيرا قيمتون ڇو ٿيون وڌن؟ اوگرا چيئرمين چيو ته حڪومت وٽ تيل جو ڪوبه ذخيرو ناهي، ايندڙ 5 مهينن تائين تيل قيمتون وڌنديون، مارچ کانپوءِ سستيون ٿينديون، بندرگاهه تي ڊيزل 109 رپيا في لٽر پئي ٿو، في لٽر ڊيزل تي ٻيا خرچ ۽ ٽيڪس گڏائي 25 رپيا ٿين  ٿا، ڪاميٽي چيئرمين اوگر چيئرمين جي بريفنگ رد ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ ڪمپنين جي مارجن ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل تي في لٽر خرچن جا تفصيل گهري ورتا آهن. سعودي عرب پاران 4.2 ارب ڊالر قرض ڏيڻ کانپوءِ جيتوڻيڪ ڊالر جي اگهه ۾ لاٿ آئي آهي ۽ اهو 175 رپين مان 172 رپين تي پهتو آهي ۽ سون جي اگهه ۾ لاٿ ٿي آهي پر اها لاٿ به ماهرن مطابق ڪجهه ڏينهن جي لاءِ آهي، ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائيءَ جو هڪ طوفان برپا ٿيل آهي ۽ عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي، مٿان وري بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان اها مهانگائي اڃا به وڌي ويندي، حڪومت عوام کي جيڪي به خواب ڏيکاريا ۽ جيڪي به دعوائون ڪيون اهي سڀ لالي پاپ نڪتيون پر هاڻ ته ماڻهن جي برداشت واري قوت جواب ڏئي چڪي آهي، نيٺ اهو سلسلو ڪيستائين رهندو، اوگرا ته سينيٽ ڪاميٽي کي سڌو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ايندڙ 5 مهينن تائين پيٽرول جون قيمتون وڌنديون رهنديون ۽ لڳي ٿو ته هڪ وزير جو اهو بيان وڃي سچو ٿيندو ته پيٽرول 200 رپيا في لٽر تي پهچندو، پر ڇا عوام جي قوت خريد وڌائڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪا پاليسي آهي؟ ڇا غربت گهٽائڻ ۽ بيروزگاري کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ به ڪجهه ڪيو پيو وڃي؟ ڇا حڪومت وٽ عوام جي معصوم سوالن جا جواب رڳو ماضي جي حڪومتن مٿان الزامن جي صورت ۾ ملندا يا هن حڪومت جي به ڪا ڪارڪردگي آهي؟ جيڪڏهن آهي ته عوام کي ٻڌائي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو