لکنو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ پوليس ٽي 20 عالمي ڪپ ۾ پاڪستان هٿان ڀارت جي شڪدت کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پيغام پوسٽ ڪندڙ يا ڀارت مخالف نعرا لڳائڻ تي 7 ڄڻن خلاف بغاوت جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ڪشمير ميڊيا سروس مطابق انهن 7 ڄڻن ۾ 3 ڪشميري شاگرد پڻ شامل آهن جيڪي آگره ۾ تعليم هيٺ آهن جڏهن ته ٻين ٽن ڄڻن جو تعلق بريلي ۽ هڪ جو لکنو سان آهي. پوليس مطابق انهن مان 5 ڄڻن کي 24 اڪٽوبر تي ميچ کانپوءِ ڀارت خلاف بيان بازي تي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٽنهي ڪشميري شاگردن کي آگره ۾ سندن ڪاليج انتظاميا سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي ڪاميابي جو جشن ملهائڻ لاءِ پيغام پوسٽ ڪرن تي معطل ڪري ڇڏيو هو. وزيراعليٰ يوگي ادتياناٿ جي هدايت تي سڄي رياست ۾ پاڪستان جي ڪاميابي جو جشن ملهائيندڙن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.
