154

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ريلوي کاتي ۾ ڀرتين جي رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ريلوي کاتي ۾ ڀرتين جي معاملي تي ريلوي عملدارن پاران جمع ڪرايل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس ذوالفقار سانگي تي ٻَڌل ڊبل بينچ ريلوي ۾ ڀرتين جي معاملي جي حوالي سان داخل پٽيشن جي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران ڊي ايس ريلوي سکر شعيب عادل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت ۾ ڀرتين جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ ۾ عدالت کي ٻُڌايو ويو آهي ته سکر ڊويزن ۾ ڀرتين جا سمورا مرحلا صاف شفاف طريقي سان قانون موجب مڪمل ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪنهن به اميدوار کي جوائنگ ليٽر جاري نه ڪيو ويو آهي ۽ راولپنڊي، لاهور ۽ ملتان ۾ ٿيل ڀرتين ۾ بي ضابطگيون ٿيون آهن، جنهن جي ڪري ان تي کاتي واري ڪارروائي هلي رهي آهي جيئن ئي اها ڪارروائي مڪمل ٿيندي ته ريلوي ان پراسز کي اڳيان وڌائيندو. عدالت ريلوي اختيارين طرفان پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڊي ايس ريلوي کي چيو ته اسان توهان جي پيش ڪيل رپورٽ تي مطمئن نه آهيون، عدالت توهان کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو هو، هاڻ اسان هي ڪيس ميرٽ تي ٻُڌنداسين. درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جڏهن ڀرتين لاءِ سمورو پراسز مڪمل ٿي چڪو آهي ته جوائنگ آرڊر ڇو نٿا ڏنا وڃن، ان موقعي تي ريلوي جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، جنهن تي عدالت ريلوي کي وقت ڏيندي پٽيشن جي ٻُڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو