اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي شرعي عدالت چائلڊ ميريج ايڪٽ خلاف دائر اپيل خارج ڪندي آبزرويشن ڏني آهي ته نياڻين لاءِ ڪنهن به اسلامي ملڪ ۾ شاديءَ لاءِ عمر جي حد مقرر ڪرڻ غير شرعي ناهي ۽ نه ئي چائلڊ ميريج ايڪٽ جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ شاديءَ جي عمر مقرر ڪرڻ بعد شقون غير شرعي ۽ غير اسلامي آهن. وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس، جسٽس محمد نور مسڪانزئي جي سربراهيءَ ۾ جسٽس ڊاڪٽر سيد محمد انوار ۽ جسٽس خادم حسين ايم شيخ تي ٻَڌل 3 رڪني بينچ چائلڊ ميريج ايڪٽ خلاف دائر شريعت پٽيشن تي ٻُڌڻي ڪئي. وفاقي شرعي عدالت چائلڊ ميريج ايڪٽ 1929ع جي شق 4، 5 ۽ 6 کي غير شرعي قرار ڏيڻ بابت دائر اپيل خارج ڪندي وفاقي شرعي عدالت چائلڊ ميريج ايڪٽ خلاف دائر اپيل خارج ڪندي آبزرويشن ڏني آهي ته نياڻين لاءِ ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ شاديءَ لاءِ عمر جي حد مقرر ڪرڻ غير شرعي ناهي ۽ نه ئي چائلڊ ميريج ايڪٽ سان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ شاديءَ جي عمر مقرر ڪرڻ بابت شقون غير شرعي ۽ غير اسلامي آهن.
