ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۽ مڪران جي سمنڊ تي سونامي طوفان جو خطرو، سنڌ ۽ مڪران جي سمنڊ تي سونامي جو خطرو آهي، ماهرن خبردار ڪيو آهي ته اها آفت هاڻي پنهنجو قدرتي ٽائم اسڪيل مڪمل ڪري چڪي آهي ۽ مڪران جي سمنڊ ۾ موجود سبڊڪشن زون ڪيتري ئي وقت سان سرگرم آهي جيڪا شدت پڪڙي رهي آهي، سنڌ مڪران جو سمنڊ ساحلي قدرتي آفتن سان گهيريل آهي، بحيره عرب ۾ سونامي اچڻ جي صورت ۾ گوادر ۽ مڪران جو سمنڊ سڀ کان متاثر ٿي سگهي ٿو، اهو ڪراچي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿو، ان ۾ ڪا دير به نه لڳندي، ماهرن موجب قدرت آفتن جي پيشنگوئي ممڪن ناهي، پر ان جي نقصانده اثرن کان بچڻ لاءِ منظم منصوبابندي سان گڏ عمارتن کي ان طرح تعمير ڪرڻ گهجي ته زلزلي يا سونامي جو مقابلو ڪري سگهجي
154