لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صوبائي وزير بلديات، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پوري صوبي ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايت تي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ ان جي ٽيم عوام کي بنيادي سهولتون پهچائڻ لاءِ ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالھه لينڊ فل سائيٽ واقع ايئرپورٽ روڊ لاڙڪاڻي جي دوري ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته لينڊ فل سائيٽ شهر کان ٻاهر منتقل ڪئي پئي وڃي انهي سان گڏوگڏ صوبي جي وڏن شهرن جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ وڌيڪ صفائي سٿرائي رکڻ لاءِ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجيمينٽ بورڊ جو قيام وجود ۾ آندو ويو آهي، جنهن جو ٺيڪو ميرٽ جي بنياد تي چائنا جي ڪمپني ڊينزو انٽرنيشنل کي ڏنو ويو آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ڊينزو انٽرنيشنل ڪمپني پهرين مرحلي ۾ شهر جي صفائي جو ڪم ڪري رهي آهي ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڊسمبر کان گهر گهر مان ڪچرو کڻندي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو خاص هدايتون آهن ته عوام کي هر بنيادي سهولت درن تائين پهچايون پيون وڃن، ان ڏس ۾ ڊينزو انٽرنيشنل ڪمپني ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن شهرن ۾ صفائي سٿرائي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته لينڊ فل سائيٽ شهر کان ٻاهر منتقل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هي 70 ايڪڙ پلاٽ قبرستان لاءِ مختص ڪيو ويندو. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي پنهنجي سوچ آهي پر شروعات ۾ ان کي فعال ڪرڻ ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ئي ڪردار هو ۽ جيستائين پ پ پ، پي ڊي ايم سان گڏ هئي ته ان وقت تائين اها ڪامياب هئي. هن چيو ته پي ڊي ايم وارن استعيفائن جي ڳالهه ڪئي پر اڃا تائين استعيفائون نه ڏنيون آهن. هن چيو ته پ پ پ تي الزام لڳندا رهندا آهن پر اسان جي پارٽي الزام تي ڌيان ڏيڻ بدران عوام جي ڀلائي وارن ڪمن کي اوليت ڏيندي آهي. هن چيو ته پ پ پ هميشه جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن ۽ پنهنجي ڪارڪنن جو خاص خيال رکندي آهي ۽ ڏکئي سکئي وقت ۾ گڏ هوندي آهي، جنهن جو مثال اهو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري يونين ڪائونسل ليول تي وڃي ماڻهن جي مسئلا ٻڌي انهن کي حل ڪري رهيو آهي. پ پ پ بنا ڪنهن رنگ و نسل جي هر ماڻهو جي خدمت تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ جي قيام سان شهر ۾ صفائي سٿرائي جو مسئلو حل ٿي ويندو. هن چيو ته بلدياتي اليڪشن جي تياري ڪري رهيا آهيون، انشاءَ الله اليڪشن ڪميشن پاران ڏنل ٽائيم فريم ۾ ٿي وينديون. هن چيو ته نااهل وفاقي حڪومت تيل، گئس، اٽو، کنڊ، بجلي مهانگي ڪري ڇڏي آهي ۽ غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسان عوام سان گڏ آهيون، اڄ 29 آڪٽوبر تي بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي احتجاج ڪيو ويندو.
134