فائرنگ 167

خيرپورناٿن شاهه ۾ پراڻي تڪرار تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 سئوٽ قتل

خيرپورناٿن شاهه (ويب ڊيسڪ) خيرپورناٿن شاهه ڀرسان ٻورڙي ٿاڻي حد جي ڳوٺ فيڪراٽو ۾ کوسا برادري جو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ شروع ٿي وئي گولين لڳڻ سبب 38 ورهين جو غلام شبير کوسو موقعي تي قتل ٿي ويو، سندس سوٽ 35 ورهين جو نديم کوسو سخت زخمي ٿي پيو، اطلاعن تي ٻورڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڄڻن کي کڻائي ڪي اين شاهه تعلقه اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر پڻ غلام شبير کوسو جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. جڏهن ته نديم کوسو کي ڳڻتي جوڳي حلت سبب کيس لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو، زخمي نديم کوسو چانڊڪا اسپتال نيندي دم ڏئي ڇڏيو، ٻنهي سوٽن جا لاش تعلقي اسپتال ڪي اين شاهه آندا ويا جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پڻ ڇائنيل آهي، پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاء مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، رابطي ڪرڻ تي ٻورڙي ٿاڻي جي وڏي منشي غلام مصطفي’ جو چوڻ هو ته کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو، جنهن سبب جهيڙي جو واقعو پيش آيو آهي، هن ٻڌايو ته جيڏي مهل متاثر ڌر ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرائيندي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري سگهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو