157

سپريم ڪورٽ گهٽين ۽ پاڙن مان به والار هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪراچي ۾ نسلا ٽاور کان پوءِ تجوري هائٽس به غيرقانوني قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ نسلا ٽاور کان پوءِ تجوري هائٽس به غيرقانوني قرار ڏئي ان کي پڻ ڊهرائاڻ جو اشارو ڏيندي گهٽين ۽ فٽ پاٿن تان به غيرقانوني  والار هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري نسلا ٽاور  بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ عمارت کي ڊاهڻ جو سمورو خرچ به ڌڻي کان ڀرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. جار ٿيل فيصلي ۾ چيو  ويو آهي ته نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو عمل 27 آڪٽوبر کان هڪ هفتي جي اندر مڪمل ڪيو وڃي. ٽاور کي ڊاهڻ لاءِ جديد ڊوائسز جو استعمال ڪيو وڃي جيئن ڀارت ۽ پوري دنيا ۾ ڪيو وڃي ٿو، اها پڻ پڪ ڪئي وڃي ته ٽاور ڊاهڻ دوران ٻيو ڪو نقصان به نه ٿئي. فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته  نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو خرچ ڌڻي کان ورتو وڃي ۽ جيڪڏهن اهو پاڻ نه ڏي ته ڪمشنر سندس پلاٽ وڪڻي ان مان خرچ پورو ڪرائي. سپريم ڪورٽ وڏين حددخلين سان گڏوگڏ گهٽين ۽ پاڙن مان حددخليون ختم ڪرائڻ بابت ڪيس جو پڻ لکت۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ پوري سنڌ جي ميونسپل ڪمشنرن کي طلب ڪندي پنهنجي علائقن بابت رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ عدالت چيو ته آهي ته گهٽين، پاڙن، فٽ پاٿ، روڊن جي آسپاس حددخليون ختم ڪيون وڃن. عدالت ميونسپل ڪمشنر حيدرآباد، لطيف آباد قاسم آباد، ميونسپل ڪمشنر ڄامشورو، بدين، جيڪب آباد، ميونسپل ڪمشنر ٺٽو، لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، مٽياري، سانگهڙ، ڪشمور، خيرپور، شڪارپور ٽنڊو الهيار، ٿرپارڪر، سجاول، عمرڪوٽ، نوشهرو فيروز، بينظير آباد، قمبر شهدادڪوٽ ۽ ميونسپل ڪمشنر ميرپور خاص کي نوٽيس جاري ڪندي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. عدالت سمورن ننڍن وڏن شهرن، ميونسپل ڪارپوريشنز، ٽائون ڪميٽيز ۾ روڊ رستا تعمير ڪرائڻ، مرمت ڪرائڻ، صفائي سٿرائي، پارڪس، لائيٽنگ، لائيننگ ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت مردن ۽ عورتن لاءِ ڌار ڌار ٽوائليٽ ٺهرائڻ، پارڪ بحال ڪرائڻ، ساوڪ لڳائڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. عدالت ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽيز ايڊمنسٽريٽرز کي نوٽيس جاري ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي عمل  بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت مڪاني ادارن جي سيڪريٽري کي به ايندڙ ٻڌڻي تي حاضر رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي  آهي، ٻي پاسي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ خميس ڏينهن چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بيچ ڪراچيءَ جي هڪ ٻي ٺهندڙ عمارت تجوري هائٽس جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي تي چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته تجوري هائٽس پڻ فارغ ٿي وئي آهي، اسين ان کي پڻ بارود سان ڊاهڻ جو حڪم ڏينداسين. اهو طئي ٿي چڪو آهي ته تجوري هائٽس غيرقانوني آهي، ٻڌايو وڃي ته پاڻ ئي ڊاهيندا يا اسين ڊاهڻ جو حڪم ڏيون. چيف جسٽس وڌيڪ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ناجائز اڏاوت هڪ ختم نه ٿيندڙ سلسلو آهي، هينئر نه روڪيو ويو ته ڪڏهن به روڪجي نه سگهندو. هي زمين ڪنهن جي به هجي پر اوهان جي نه آهي، اوهان پيسا ڏئي رويونيو مان ڪجهه به ڪرائي سگهو ٿا، تجوري هائٽس واري عمارت جيتري به ٺهيل آهي ان کي ڊاهڻ جو حڪم ڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو