بدين (ويب ڊيسڪ) بدين ۾ احساس ڪفالت جي رقم وصول ڪرڻ لاءِ آيل عورتن ڊوائيز ھولڊرن طرفان ڊوائيزون نه ھلائڻ خلاف شھر جي مصروف قائداعظم روڊ تي 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنھن دوران رستي گذرندڙ گاڏين وارن راھگيرن سان پڻ عورتن جون جھڙپون ٿيون، ايس ايس پي بدين شاھنواز چاچڙ جي حڪم تي ايس ايڇ او انور لغاري مستحق عورتن سان ڳالھيون ڪيون، جنهن بعد حبيب بئنڪ بدين جي اي ٽي ايم مشين تي ليڊز پوليس اھلڪار جون ڊيوٽي ھڻي مستحق عورتن کي اي ٽي ايم اڪائونٽ مان رقم بنا ڪنھن ڪٽوتي جي ڪڍي ڏيڻ جي ڊيوٽي لڳائي وئي، ايس ايڇ او انور لغاري ”سوڀ“ سان ڳالھائيندي چيو ته ھي عورتون اسانجون مائرون ڀينرون آھن، جيستائين ڊوائيز ھولڊر ڪم شروع ڪن، ايستائين ليڊيز اھلڪار ھنن عورتن جي مدد لاءِ اي ٽي ايم تي موجود رھنديون، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي تعلقي بدين جي ٺيڪيدار بشير نائچ ڊوائيزون نه ھلڻ جو ڪارڻ نيٽورڪ ڦالٽ ٻڌايو، جڏھن ٻئي طرف ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته بدين تعلقي جي ڊوائيز ھولڊر ٺيڪيدار بشير نائچ پنھنجي سپوٽرن جي ميٽنگ ڪوٺائي، جنھن ۾ ڪٽوتي جي ڪٽ پيس ۽ سيڪيورٽي جي ذميواري ڪجهھ سياسي ماڻھن کڻي ورتي آھي.
166