163

ڪراچي جي عدالت پاران پروين رحمان قتل ڪيس جو فيصلو ملتوي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اورنگي پائلٽ پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان جي قتل ڪيس جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت گذريل ٻڌڻي تي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو ۽ عدالت کي ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻو هو پر عدالت قتل ڪيس جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو، پراسيڪيوشن ڪيس جي فرد جرم ۾ ترميم جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدارن تي لاڳو فرد جرم ۾ پروين رحمان جي قتل جي رٿابندي جا قلم شامل نه هئا، پراسيڪيوشن جي درخواست تي عدالت جوابدارن ۽ ڪيس جي فريادي جي وڪيل کي نوٽيس جاري ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته پروين رحمان کي مارچ 2013 ۾ قتل ڪيو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو