105

پوليس کاتي حيدرآباد ۾ جوائننگ نه ملڻ خلاف 200 اميدوارن جون درخواستون رد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ فل بئنچ پوليس کاتي حيدرآباد ريجن ۾ ڊرائيور ۽ ڪانسٽيبل جي ڀرتين لاءِ 200 کان وڌيڪ اميدوارن پاران ٽيسٽ ڏيڻ باوجود کين جوائننگ آرڊر نه ملڻ خلاف داخل ڪيل درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن، عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل اميدوارن پاران داخل ڪيل درخواست جي ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي ڪندي ڏنو، درخواستگذارن پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 2016ع ۾ سنڌ حڪومت طرفان 2 هزار 727 ڀرتين لاءِ ٽيسٽ ۾ حصو ورتو هو جنهن ۾ هڪ هزار 81 اميدوار ڪامياب ٿيا هئا. ان موقعي تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڀرتين وارو معاملو غير شفاف هئڻ جي شڪايت تي آءِ جي سنڌ انڪوائري ڪميٽي جوڙي هئي، انڪوائري ڪميٽي 313 اميدوارن جي نشاندهي ڪئي ته انهن جو فزيڪل ٽيسٽ غير شفاف هو جنهن کان پوءِ اميدوارن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جوائننگ ليٽر لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي پر هاءِ ڪورٽ پڻ سندن درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. ان موقعي تي درخواستگذارن عدالت کي ٻڌايو ته انڪوائري ڪميٽي 313 ماڻهن جي نشاندهي ڪئي هئي پر ٻين ڪامياب اميدوارن کي جوائننگ ليٽر ڏنا وڃن. آءِ جي سنڌ 313 غير شفاف ڀرتين بدران سموريون ڀرتيون ختم ڪري ڇڏيون هيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو