151

پي ايس او ۾ غير قانوني ڀرتيون: احتساب عدالت پاران نيب کي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت پي ايس او ۾ غير قانوني ڀرتين بابت نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريفرنس ۾ شريڪ جوابدار شيخ عمران پاران نيب آرڊيننس اچڻ کان پوءِ ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت نه ٿيڻ بابت درخواست داخل ڪرائڻ تي نيب کي 18 نومبر تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته نيب طرفان ريفرنس جو گواهه پڻ پيش ٿيو. ان موقعي تي ريفرنس ۾ شريڪ جوابدار شيخ عمران طرفان درخواست داخل ڪرائي وئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب آرڊيننس اچڻ کان پوءِ احتساب عدالت ۾ ريفرنس جي ٻڌڻي نٿي ٿي سگهي جنهن تي عدالت نيب کي 18 نومبر تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو