130

تحريڪ لبيڪ سان حڪومت جون ڳالهيون ناڪام، رينجرز مارچ روڪڻ لاءِ پهچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ڏانهن ٿيندڙ احتجاجي مارچ روڪڻ لاءِ تحريڪ لبيڪ سان حڪومت جون ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن، جڏهن ته مارچ ڪندڙ قافلو لاڳيتو اڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن کي  روڪڻ لاءِ رينجرز پهچي وئي، جنهن چناب دريا واري پل جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. وفاقي گهرو وزير  شيخ رشيد تحريڪ لبيڪ جي سربراهه سعد رضوي سان ڳالهيون ڪيون پر انهن جو ڪو نتيجو نه نڪتو آهي، شيخ رشيد اڄ ٻيهر ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تحريڪ لبيڪ جو مارچ ڪندڙ قافلو ڪامونڪي مان نڪري گوجرانوالا ڏانهن وڌڻ لڳو آهي، جنهن ڪري رڪاوٽن سبب جي تي روڊ مڪمل بند ٿي ويو آهي، گاڏين جي اچ وڃ مڪمل بند آهي،  ڀرپاسي جو ڪاروبار پڻ بند ٿي ويو آهي ۽  عوام پڻ ڏچي ۾ پئجي ويو آهي. لاهور کان راولپنڊي ۽ پشاور واري روٽ تي ريل گاڏين جي اچ وڃ پڻ روڪجي وئي آهي.  حڪومت شيخوپوره، گوجرانوالا، گجرات ۽ جهلم جي علائقن ۾ موبائل فون سروس بند ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته مارچ کي روڪڻ لاءِ  راولپنڊي جي اهم هنڌن سميت مختلف علائقن ۾  اهم روڊن تي رينجرز مقرر ڪئي وئي آهي. چناب دريا واري پل جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. ٻي پاسي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد  هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ته پاڪستان ائٽمي طاقت آهي ان ڪري ان کي اندران ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، فرانس جو سفير گهٻرائي واپس وڃي چڪو آهي اها ڳالهه ڇو نه ٿي مڃي وڃي.  هن وقت تائين تحريڪ لبيڪ سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون آهن، پر جمع يا ڇنڇر ڏينهن ٻيهر انهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان. عمران خان هن حڪومت جي عملداري قائم ڪندو  ڀلي ان جو نتيجو ڪهڙو به نڪري. هن وڌيڪ چيو ته هنن سان جيڪي ڳالهيون طئي ٿيون آهن انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر هي واپس وڃڻ لاءِ تيار نه آهن. عمران خان کي جيڪا به لچڪ ڏيکارڻي هئي سا ڏيکاري چڪو آهي. حڪومت جي نڙيءَ تي ننهن ڏئي مطالبا نه ٿا مڃائي سگهجن. هي رڳو واپس وڃن ته اسان سندن سموريون ڳالهيون مڃڻ لاءِ تيار آهيون. هي اسلام آباد ۾ ويهي ڇا ڪندا،  فرانس جو سفير گهٻرائجي واپس وڃي به چڪو آهي اها ڳالهه ڇو نه ٿي مڃي وڃي. فرانس بابت ٺهراءُ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿي چڪو آهي، امجد نيازيءَ ٺهراءَ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو آهي. هنن  وانگر اسين به ختم نبوت جي ڳالهه ڪريون ٿا، هن ملڪ جو آئين قرآن ۽ سنت تي ٻڌل آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسين وڙهڻ نه ٿا چاهيون، اوهين اسان جا ڀائر آهيو، اوهان جو توڙي فورسز جو نقصان به اسان جو  ۽ قوم جو نقصان آهي، پر پاڪستان جو نقصان ٿيڻ نه ڏينداين، هنن جيڪي حالتون پيدا ڪيون آهن انهن سان کين ڪو به فائدو نه ٿيندو. پر کين ان جو نقصان ئي ٿيندو. جهڙي طرح هي اڳتي وڌي رهيا آهن انهن کي ڪٿي نه ڪٿي روڪڻو ئي پوندو ۽ پوءِ نتيجن جي ذميواري انهن تي لاڳو ٿيندي. جيڪي حالتون پيدا ڪيون آهن آخرڪان انهن جو نقصان کين ئي ٿيندو. حالتون منهنجي وس مان نڪري وينديون، عمران خان هن حڪومت جي عملداري قائم ڪندو  ڀلي ان جو نتيجو ڪهڙو به نڪري. حڪومت کي پنهنجي عملداري قائم ڪرڻي پوندي آهي، اها حڪومت ئي ڪهڙي جيڪا پنهنجي عملداري قائم نه ڪري سگهي. آئون ڊيڄاريان يان ڌمڪايان نه ٿو پر رياست پنهنجي عملداري قائم رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي، وزيراعظم ان لاءِ جيڪو به حڪم ڏيندو ان تي عمل ڪرڻ گهرو وزارت جو فرض آهي. پاڪستان اسلام جي دفاعي لائين ۽ ديوار چين آهي، پاڪستان جي فوج  اسلامي دنيا جي سڀ کان وڏي فوج  آهي، اسين هڪ ايٽمي طاقت آهيون ۽ سازشي اسان تي پابنديون لڳائڻ گهرن ٿا. 4 ڏينهن کان چوان پيو ته پاڪستان آهي ته اسين آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون فيصل واوڊا کي چيو ته تو جيڪو به ڪيو سو غلط ئي ڪيو آهي. مون  تحريڪ لبيڪ سان ٿيل معاهدي تي صحيح وزيراعظم کان پڇي ان جي مرضيءَ سان ڪئي. مون وزيراعظم کي ايمرجنسي ۾ نياپو موڪلي ملاقات ڪئي ۽ کيس معاهدي جو مسودو پيش ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو