133

معاشي قتل خلاف آواز اٿارڻ اڻٽر آهي، اڄوڪو احتجاج ثابت ڪندو ته قو م پ پ سان گڏ آهي: بلاول ڀٽو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارتي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ عام ماڻهن جي معاشي قتل خلاف آواز اٿارڻ اڻٽر ٿي ويو آهي، هر دور ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ کي ڏکين حالتن مان ڪڍيو آهي، پي پي پي غريب عوام کي آواز ڏنو، پورهيتن کي حق ڏنا، هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ڏکئي وقت ۾ آهي اسان جي ذميواري آهي ته عوام کي ڏکيائين مان ڇوٽڪارو ڏياريون، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي آهي، بيروزگاري ۽ غربت تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي شهر جي يونين ڪاميٽي 6، 7 ۽ 8 ۾ پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پارٽي ڪارڪن نه رڳو پي پي پي جا جيالا آهن پر انهن مون کي هن تڪ مان چونڊيو تنهن ڪري انهن جي ٻيڻي ذميواري آهي. هن چيو ته ڪارڪن عوام ۾ منهنجي نمائندگي ڪندڙ آهن، ڪارڪن منهنجا دوست، ٻانهن ۽ طاقت آهن. هن چيو ته جمعو 29 آڪٽوبر جو احتجاج دراصل ان ڳالهه جو اظهار هوندو ته ملڪ کي عوام دوست معاشي پاليسيون گهرجن. اسان سڀ گڏجي عوامي طاقت سان ملڪ جي تقدير بدلائينداسين. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي هي دعويٰ ڪندي آهي ته هو روزگار ڏيندي آهي ته يه صرف دعويٰ نه پر هڪ حقيقت آهي. هن چيو ته سنڌ اهو واحد صوبو آهي جنهن جو پبلڪ سروس ڪميشن بند ڪري صوبي جي نوجوانن جي روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. جنهن طرح سان اسان آمرن خلاف جدوجهد ڪئي، اهڙي طرح هن ڪٺ پتلي حڪومت خلاف به جدوجهد ڪنداسين. هن چيو ته اڄ 29 آڪٽوبر تي مهانگائي خلاف احتجاج ۾ عوامي شرڪت ثابت ڪندي ته قوم پيپلز پارٽي سان گڏ آهي. بلاول ڀٽو يوسي 8 لاهوري محلا، يونين ڪاميٽي 6 اولڊ نظر محلا ۽ يونين ڪائونسل 7 شاهو ٻوراهو ۾ پڻ ڪارڪنن ۽ عهديدارن کي خطاب ڪيو. هن ڪارڪنن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي  حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار کهڙو، پي پي پي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو ميمبر جميل سومرو، خورشيد احمد جوڻيجو، سيد سردار شاهه، ضياءَ عباس شاهه، گهنور خان اسراڻ، نصيبه چنا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو