ليکڪ: محمد خالد ميمڻ
پاڪستان سميت ڪجهه ملڪن کانسواءِ باقي دنيا ۾ بجلي هاڻي ته ڪو مسئلو رهيو ئي نه آھي، پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ بجلي اڃان به ڏينهون ڏينهن وڏي ۾ وڏو مسئلو بڻجندي پئي وڃي ۽ روزانو بجلي مهانگي ٿيندي پئي وڃي، جڏهن ته ميڊيا جي مختلف ذريعن طرفان مليل معلوماتن مان خبر پوندي آھي ته جيڪڏهن ڪٿي به بجلي جا ٽرانسفارمر سڙي ويندا آھن ته انهن کي ٺاهڻ جي ذميواري واپڊا وارن جي آھي پر مان ته پنهنجي شعوري سوچ سمجهه جي زندگي جي شروعات کان هن مهل تائين سدائين اهو ڏٺو آھي ته جتي جنهن به شھر يا ڳوٺ ۾ بجلي جا ٽرانسفارمر سڙيا آھن اهي اتان جي رهواسين چندو ڪري ٺھرايا آھن ۽ اهو سلسلو اڃان تائين هلندو ٿو اچي. مون کي هاڻي تازو واپڊا کاتي ۾ ڪم ڪندڙ هڪ دوست ٻڌايو ته جتي ٽرانسفارمر سڙن ٿا ان علائقي جا عملدار ٽرانسفارمرن جي مرمت جا پئسا کاتي کان ڪليم ڪري وٺن ٿا پر عوام تائين اهي پئسا نه ٿا پهچن، ان ڪري عوام پاڻ ۾ ئي چندو ڪري اهي ٺھرائي ٿو، ان ۾ به واپڊا جا عملدار ۽ سندن پرائيويٽ رکيل لائين مين پنهنجو حصو پتي وٺن ٿا، جيئن ٽرانسفارمر جي مرمت تي اصل خرچ ايندو 20 هزار ته هو ٻڌائيندا 40 هزار خرچ، مطلب ته اڌ پئسا هنن جي کيسي ۾ هليا ٿا وڃن، ان جي لاءِ مان مثال ڏيندس ڦل شھر جو، ڇاڪاڻ ته سڄي ملڪ جيان واپڊا وارن جي هن شھر سان ڪيل مسلسل ناجائزيون ۽ زيادتيون ايتريون ته وڌي ويون آھن جو جيڪڏهن مان اهو مڪمل ذڪر ڪيان ته هڪ وڏو ڏکن، دردن ۽ تڪليفن جو هڪ ڪتاب لکجي ويندو ۽ اهو ”درد واپڊا“ داستان ڊائجسٽن ۾ لکجندڙ هڪ وڏي داستان جو روپ اختيار ڪري ويندو پر مان رڳو گذريل ڪجهه سالن جو ذڪر ڪندس ته سڄي ملڪ جيان ڦل شھر ۾ واپڊا وارن جا ڪيل ڪلور انتهائي ڏکوئيندڙ آھن، شروع ۾ جڏهن هتي بجلي آئي ته هر ماڻھو گهرن ۾ بجلي جا ميٽر لڳرايا ۽ سڀڪو ماهوار ايندڙ بل ڀريندو هو پوءِ آهستي آھستي کاتي ۾ ڪرپشن شروع ٿي ۽ واپڊا عملدارن پاڻ ڪنڊا سسٽم شروع ڪيو ۽ جڏهن ڪنڊن وسيلي بجلي چوري ٿيڻ لڳي ته پوءِ ان چوري ٿيل بجلي جا يونٽ ميٽر وارن تي ڊڊيڪشن ۽ بقاياجات جي نالي ۾ لڳائڻ شروع ڪيا ۽ خرابي ان کانپوءِ شروع ٿي ۽ ميٽر وارن گهرن تي 500 جي بجلي جي جاءِ تي 5 هزار رپيا بل اچڻ شروع ٿيا ۽ ڊڊيڪشنون لڳڻ ان کانسواءِ آھن، اهڙي عمل کانپوءِ ته عوام ميٽرن مان بيزار ٿيڻ شروع ٿيو ۽ واپڊا آفيسن ۽ اعليٰ عملدارن تائين شڪايتون ڪيائون پر انهن شڪايتن جو ازالو بلڪل به نه ڪيو ۽ شڪايت ڪندڙن کي اهو چيو ويو ته قسط ڪرائي بل پياريو، باقي ڪنهن جي داد رسي نه ڪيائون، ڇاڪاڻ ته ننڍن لائين مينن کان وٺي وڏن عملدارن تائين منٿليون پهتيون پئي ۽ پوءِ عوام به ميٽر هٽرائي واپڊا جي لائين مينن ۽ انهن طرفان هر شھر ۾ رکيل پرائيويٽ لائين مينن جي تعاون سان منٿلي ڏئي ڪنڊيون لڳائي بجلي جي چوري شروع ڪري ڇڏي، مطلب ته بجلي جي چوري ۾ واپڊا جو عملو مڪمل طور ملوث آھي. هاڻي اچون ٿا ٿورو ڦل شھر ڏانهن جتي گذريل تقريبن ڏيڍ مهيني کان مختلف پاڙن جن ۾ ميمڻ پاڙو، پهنور پاڙو، مين اسٽاپ وٽ لڳل ٽرانسفارمرن جي باري ۾ واپڊا جي عملدارن جي چوڻ مطابق ته اهي سڙي ويا آھن. جيتوڻيڪ ميمڻ پاڙي جي حافظ ثناءُ الله جي مشين وٽ لڳل ٽرانسفارمر متعلق ته پهريان خبر پئي هئي ته اهو ان ڪري نه ٿا هلائين جو پنهور پاڙي وارو ٽرانسفارمر سڙي ويو آھي، جيڪڏهن اسان اهو هلايو ته ان علائقي جا ماڻهو هن مان بجلي استعمال ڪندا ۽ هي به سڙي ويندو پر هاڻي خبر پئي آھي ته اهو به سڙي ويو آھي. مطلب ته واپڊا وارن جا سڄي ملڪ جي عوام سميت ڦل شھر جي ماڻھن سان ڪلور وڌندا ٿا وڃن ۽ عوام به صفا ائين خاموش ٿي ويو آھي ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ناهي، ڇو ته عوام اهو سمجهي ٿو ته اسان جنهن واپڊا جي اعليٰ اختيارين اڳيان دانهون ڪوڪون ڪنداسين، اهي اڳ ئي مليل هوندا، ان ڪري ٿيندو ڪجهه به ڪونه، ان ڪري عوام خاموشي اختيار ڪيو ويٺو آھي ۽ وڏي ۾ وڏي تڪليف به ان بي پهچ حضور شرم غريب مسڪين ماڻھن کي پهچي ٿي ڇو ته انهن جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪوبه ڪونه آھي ۽ ڪي وري حضور شرمي سبب ڪنهن جي اڳيان دانهون نه ٿا ڪن ۽ نه ئي ڪنهن کان بجلي گهرن ٿا، جڏهن ته کوڙ سارا ماڻھو وري پنهنجو اثر رسوخ پنهنجي عهدن جو استعمال ڪري بجلي ڪٿان نه ڪٿان ڇڪرائي ٻارين پيا ۽ ڪي وري مالي طور سکيا آھن ته سولر ۽ جنريٽرن وسيلي بجلي جي پورت ڪن پيا، ان ڪري انهن جي لاءِ ڄڻ ته بجلي جا ٽرانسفارمر سڙيل يا خراب آھن ئي ڪونه، باقي رهيل غريب عوام سخت تڪليف ۾ مبتلا آھي ۽ تڪليف ۾ هوندي به مجبورن خاموشي اختيار ڪيو ويٺو آھي ۽ گهرن کان نڪري ڪو احتجاج يا شڪايت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڇو ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ واپڊا عملدارن طرفان کليل ڪچھريون رکي عوام جا بجلي متعلق مسئلا حل ڪرڻ جا سبز باغ ڏيکارڻ به هڪ معمول بڻيل آھي، پر اها صرف هڪ خانه پوري آھي انهن کليل ڪچھرين ۾ ڪوبه مسئلو حل ڪونه ٿو ڪيو وڃي، منهنجي وفاقي سرڪار، سنڌ سرڪار ۽ واپڊا جي اعليٰ اختيارين کي اپيل آھي ته خدارا واپڊا کاتي جا جيڪي به ڪرپٽ آفيسر وڏا توڙي ننڍا ملازم ۽ سندن رکيل پرائيويٽ ماڻھن کي پڪڙي انهن کي سزائون ڏئي کاتي کي صاف ڪري عوام کي بجلي جا ميٽر قسطن تي فراهم ڪري 24 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪئي وڃي ۽ ڪنڊي وسيلي چوري روڪي بجلي جي بلن ۾ ناجائز ڊڊيڪشنون ۽ ناجائز بقايايائون ختم ڪري جيڪو به جيترا يونٽ استعمال ڪري ٿو ان ڏانهن صحيح بل موڪليو وڃي پوءِ جيڪڏهن ڪو بجلي جو بل نه پياري ۽ چوري ڪري ته ان تي سخت کي سزا ڏني وڃي ۽ ڦل شھر سميت سڄي ملڪ جي جن به پاڙن جا ٽرانسفارمر سڙيل يا ٿوري گهڻي خرابي سبب بند پيل آھن اهي واپڊا وارا پاڻ ٺھرائين ته جيئن پريشانين ۾ مبتلا غريب عوام ڪو سک جو ساهه کڻي سڪون سان رهي سگهي.