ليکڪ: پريت گھمرو
ڌرتي ممتا جو ٻيو روپ اٿم،اھا ڌرتي اوليائن، اوشاقن، اصحابن، ولين، پيرن، ميرن ۽ درويشن جي ڌرتي جيڪا ڀٽائي کان ويندي بيدل تائين، حامي کان ويندي تاجل بيوس تائين سڀني جي دعا جو محور رھي آھي، اسان جي سون ورني سنڌ جنهن جو مثال ڏيهھ توڙي پرڏيهھ ۾ مھمانوازي ۾ مشھور آهي، ماڻهو محبت جا مثال ڏيندا آهن، اڄ اھاڌرتي خونريزي جي ور چڙھي وئي آهي، قومي جھيڙن دوکيبازن، فريبين ۽ مڪارن، جي ھٿ اچي وئي آهي، ڪڏهن رات جي پيٽ ۾ قومي جھيڙا رت جي راند شروع ٿي ٿئي، تـه ڪڏھن پٺي پويان ڌرتي جو واپار ٿئي ٿو،ھي آهن سنڌ ڌرتي تي رھندڙ ان جي پٽن جا پرڪار، جيڪي پنهنجي مقصد خاطر ھن جيجل جي ھر رھواسي سان ٻـه اکيائي ڪن ٿا، سنڌ جيڪا امن جو پيڪر سڏبي ھئي، جنهن جي محبتن جا ماڻهو مثال ڏيندا ھئا اڄ ان ڌرتي تي مارو رھڻ لاءِ پريشان آھن،هر وقت ساھه مٺ ۾ آهي ته ڪٿان اوچتو موت جو ڪو سنيھو نه اچي وڃي، ڪنهن وني جو ور گھران وڃي ٿو مرڪندي تـه موٽي رت ۾ لال ٿي اچي ٿو ته ڪنهن ڀيڻ جو ڳڀرو جوان ڀاءُ رت جي ڳاڙھي ميندي ھڻي جسم لال ڪري گھر واپس اچي ٿو، ھن ڌرتي جو ھي حشر ڪنهن ٻئي نه پر ڌرتي تي رھندڙ ان جي پاٿاريدارن، وڏيرن، سردارن ۽ جاگيردارن ڪيو آهي،اهي چورن جي پٺ ڀرائي ٿا ڪن ته ڪڏھن پوليس سان سندن ياري ھلي ٿي جيڪي ڪنهن به طرح پنهنجو اثر رسوخ غريب عوام تي قائم دائم چاھيندا آھن، جيڪي غريب عوام کي منشي ڪمدار طور استعمال ڪندا آھن، سي مسڪين ماروئڙن کي پنهنجي قيد مان آزاد ڪيئن ڪندا؟ ھميشه قومي جھيڙا انهن سردارن، وڏيرن، پيرن ۽ جاگيردارن جي پٺ ڀرائي سان ٿيندا آھن سي ڪٿي چاھيندا تـه انهن جي حڪمراني ھلي وڃي، پھرين پنهنجن علائقن ۾ خونريزي پکيڙيندا ۽ پوءِ فيصلا به پاڻ ڪندا جنهن جا مشير بـه مرضي وارا تـه فتوائون بـه مرضي تي، ڳرا ڏنڊ رکندا پوءِ غريب عوام سالن جا سال ڏنڊ ڀريندو آھي، ڪٿي تـه وڏڙا پاڻ مري ويندا آھن پويان ويٺا قرض لاھيندا آھن، ھي چورن ۽ ڌاڙيلن جي پاٿيداري ڪندڙ ڪڏھن به سنڌ لاءِ ڪونـه سوچيندا سچائي سان، سنڌ سرڪار تازو سنڌ جي ٻيلن ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شڪارپور جي ڪچي واري علائقي مان ڏوھاري پڪڙيا ته انهن جو بيان ھو تـه ان تر جا خاص ماڻھو جيڪي سياسي پارٽين سان لاڳاپيل آھن اهي کين سهڪار ڏين ٿا، اهڙي بيان بعد ھرڪو چگو مڙس کڙ وکڙ ٿيندي نظر آيو، ڪچي ۾ جتي به آپريشن هجي ساڳي ڳالھه نظر آئي، جڏھن ڳالھه مٿان اچي ٿي تـه چگا مڙس قانون جي رکوالي ڪرڻ وارن جا کيسا گرم ڪري چپ ڪرائي ڇڏن ٿا، ڌرتي تي رھندڙ چڱن مڙسن اھا ڌرتي جي ٿڃ ملھائي آھي، بدامني جي باھه ۾ سنڌ جو ھر ضلعو ٻري رهيو آهي، هاڻي ته ھن ڌرتي جي نياڻي به محفوظ ناھي، ھن جي زندگي ظلم جي وڙ چڙھي وڃي ٿي، ھن جو مستقبل داءَ تي لڳي وڃي ٿو، نياڻين جي رستا روڪ ڪئي وڃي ٿي،ھنن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي، ھو جيئري مري وڃن ٿيون، سنڌ مايوسي جي ڪن ۾ ڦاسندي پئي وڃي ۽ نتيجي طور نه رڳو مرد پر هِن قوم جون نياڻيون به اذيت ڀري زندگي گذاري رهيون آهن. هيءُ اهڙو مسئلو آهي، جنهن تي سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته آهستي آهستي سڄي سنڌ انتشار جو شڪار ٿي رهي آهي ۽ اسان جا ماڻهو وڏيرن ۽ جاگيردارن جي هشيءَ تي هڪٻئي جي نسل ڪشي ڪري رهيا آهن، قومن تي اهڙا به ڏينهن به ايندا آهن پر قومن جون قيادتون پنهنجن ماڻهن کي اهڙين براين مان ڪڍي اينديون آهن. چين ان جو وڏو مثال آهي، ڇو ته اتي حالتون اسان کان به خراب هيون، ايئن ناھي تـه سڀئي اڱريون برابر آھن آڃان به ڪي سنڌ جا جوڌا جوان، سچاسپوت پٽ ھن ڌرتيءَ تي جاڳن ٿا، اسان آسانيءَ سان واڳن کي سنڌ کائڻ ڪونـه ڏينداسين، دعا آھي ته شال سنڌ مرڪندي ۽ مھڪندي رھي منھجون ڪجهھ سٽون آ ھن ته:
اسان ھون امن جا پانڌي، امن سان پيار آ پنهنجو،
وطن جي امن کي ٻوڙي، اوھان کي ڇا مليو آخر.