153

جرڳن ۾ نياڻين جي سڱ چٽي تي انتظاميا ڇو خاموش آهي!؟

ايڊيٽوريل

لکي غلام شاهه جي ڳوٺ عامل پل مهر جي تڪيائي ۽ ڪٻرو مهرن وچ ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جي جرڳي ۾ 2 نياڻيون سڱ چٽي طور ڏيڻ جون خبرون سامهون آيون آهن. رپورٽن مطابق پنوعاقل جي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ وڏيري شاهمراد مهر، وڏيري محمد مراد مهر،  وڏيري شاهنواز مهر، انور ڪٻڙو مهر ۽ عبدالشڪور ڪٻڙي مهر جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جرڳي ۾ مرحوم چنيسر تڪيائي مهر ۽ عورت ڪزبانو زال ذوالفقار ڪٻڙو مهر کي ڪارو قرار ڏيڻ جي فتويٰ ٻڌائي وئي، جنهن بعد ڪارنهن الزام هيٺ آيل ڌر مٿان 2 سڱ چٽي رکيا ويا ۽ جرڳائي وڏيرن موقعي تي ئي 11 ورهين جي عائشا ڌيءُ غلام محمد مهر جو نڪاح ذوالفقار ڪٻڙو مهر سان پڙهايو ۽ 5 ورهين جي عابده ڌيءُ غلام شبير مهر جو نڪاح محبوب پٽ درياهه خان ڪٻڙو مهر سان پڙهائي نينگريون پڻ حوالي ڪيون آهن. اِهي به خبرون آهن ته ڄاڻايل وڏيرن 2 سال اڳ اهڙو جرڳو ڪري چنيسر تڪيائي مهر جي ڌر مٿان 8 لک ڏنڊ مقرر ڪيو هو، جنهن مان 4 لک رپيا موقعي تي ادا پڻ ڪيا ويا هئا، 4 لک رپيا قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي فتويٰ ٻڌائي هئي، قسطن واري رقم ادا نه ٿيڻ سبب ڌرين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ تيز ٿي هئي، جنهن جو ساڳين جرڳائي وڏيرن 3 ڏينهن اڳ ڳجهه ڳوهه ۾ جرڳو ڪري چٽي طور ڏنل نياڻين جي ادائگي ڪرائي آهي، سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ خبر اِها آهي ته ڄاڻايل ٿاڻن جي پوليس کي جرڳي جي خبر پئي ته انهن جرڳائين ۽ ٻنهي ڌرين کان ڳجهه ڳوهه ۾ رشوت وٺي معاملو لئه مٽي ڪيو ۽ اهڙو ڪڌو عمل ڪندڙ وڏيرن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي. اسان مان هر باشعور کي اِها خبر آهي ته ملڪ جي اعليٰ عدالت جرڳن کي نه رڳو غير قانوني قرار ڏنو آهي پر انهن مٿان پابندي پڻ پيل آهي ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ اهڙن جرڳن ۾ هاڻ وڏيرن گهٽ ۾ گهٽ سڱ چٽي ڏيڻ واري ڪڌي عمل کي بند ڪري ڇڏيو آهي، خاص ڪري اتر سنڌ جي ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ٻين ضلعن جي جرڳائي ڀوتارن ته اهڙو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي. اول ته ڏٺو وڃي ته ڪارنهن جي اهڙن الزامن جي حقيقت ڪجهه ٻي هوندي آهي، ڇو ته هتي اهڙيون به ڌريون رهن ٿيون جيڪي هڪ ئي عورت سان ڪيترن ئي ماڻهن کي مختلف وقتن تي ڪارو قرار ڏئي ڏنڊ وٺڻ جو ڌنڌو ڪندا آهن، پر جيڪڏهن ڪو اهڙو عمل حقيقت ۾ ٿيو به آهي ته ان جي سزا ڏوهاري کي ڏني وڃي يا ان جي معصوم نياڻين کي اهڙي سزا ڇو ملي؟ اسان سمجهون ٿا ته لاڳاپيل اختيارين ۽ سنڌ حڪومت کي هِن معاملي جو سخت نوٽيس وٺندي خبر جي حقيقت تائين پهچڻ گهرجي ۽ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، ڇو ته جيڪڏهن ان معاملي کي ڍر ڏني وئي ته هڪ ڀيرو ٻيهر وري اڳ ئي دٻايل ۽ هيسايل عورتن جي جرڳائي ڌنڌي ۾ ڏي وٺ ۽ وڪري جو جهان شروع ٿي ويندو. اڄ کان 72 سال اڳ جڏهن انگريز ننڍي کنڊ تي حڪمران هئا انهن به اهڙي ڪڌي عمل کي سختيءَ سان روڪيو هو پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ انتظامي عملداري نه هجڻ ۽ قانون جي غلام هجڻ سبب اڃا تائين به اهڙا ڪڌا عمل سرعام ٿي رهيا آهن جيڪي يقينن بحيثيت قوم اسان لاءِ شرمندگيءَ جو سبب آهن. اميد آهي ته هِن معاملي تي پوليس ۽ لاڳاپيل اختياريون سخت قدم کڻي پاڻ کي ۽ قوم کي ندامت کان بچائينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو