105

تحريڪ لبيڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ سول ۽ فوجي قيادت هڪ ٿي وئي، سعد رضوي کي آزاد نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ سول ۽ فوجي قيادت هڪ ٿي وئي آهي، سعد رضوي کي آزاد نه ڪرڻ ۽ڳالهين لاءِ در کليل رکڻ جو فيصلو پڻ ڪري ورتو آهي. اهڙو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو. ان گڏجاڻي ۾ وفاقي وزيرن، قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنهي فوجن جي سربراهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ، انٽيلي جنس بيورو، ايف آءِ اي، سينيئر سول ۽ عسڪري اختيارين به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ وزيراعظم عمران خان موقف اختيار ڪيو ته سعد رضوي کي آزاد نه ٿو ڪري سگهجي ۽ فراس جي سفير کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ پڻ ڳالهيون نه ٿيون ڪري سگهجن. گڏجاڻي ۾ فوجي قيادت ان تي زور ڏنو ته تحريڪ لبيڪ کي اڳتي وڌڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، اها ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري رهي آهي. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽي ايل پي سان فرانس جي سفير کي ملڪ مان تڙڻ بدران رڳو جائز مطالبن تي ڳالهيون ٿينديون، پوليس يا رينجرز تي حملو ڪندڙن تي فائرنگ ڪرڻ جي اجازت به ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي خطاب پڻ ڪندو. گڏجاڻي بابت جاري ٿيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان گڏجاڻي ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن به گروپ يا ماڻهو کي امن واري صورتحال بگاڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ڪنهن کي به حڪومت تي دٻاءَ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي هر قسم جي امداد ۽ پٺڀرائي جاري رکندي، قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار عوام جو تحفظ ڪري رهيا آهن. عمران خان اجلاس ۾ چيو ته عوام جي جان ۽ ملڪيت جي تحفظ، رياست جي حڪمراني قائم رکڻ جي لاءِ سمورا اپاءِ ورتا ويندا. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ ان بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري اسين وڏن وڏن دهشتگرد گروپن کي به شڪست ڏئي چڪا آهيون، ويڙهه سان ڪجهه به نه ورندو، اسين رستن تي رت وهندي ڏسڻ نه ٿا گهرون، پر ضرورت پوڻ تي ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيون، هرقسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هي صورتحال اسلام جي خلاف سازش آهي، ان جو مقصد اهو آهي ته مذهب جي نالي تي ماڻهن کي ورهايو وڃي. هي معاملو گهڻي وقت تائين نه ٿو هلي سگهي ان کي جلد کان جلد پڄاڻي تي پهچڻ گهرجي.  هن وڌيڪ چيو ته گهڻا ماڻهو رڳو تماشي طور هنن سان گڏ آهن، احتجاج ۾ شامل ماڻهو  پنهنجي گهرن ڏانهن هليا وڃن ۽ انهن جا مائٽ پڻ کين واپس گهرائي وٺن. ڇڪتاڻ واريون حالتون پيدا ڪرڻ بدتهذيبي واري ڳالهه آهي، ڏنڊن سان مطالبا نه ٿا مڃرائي سگهجن، هڪ جٿي کي آڻي حڪومت جو مذاق پيو اڏايو وڃي، حڪومت وڌيڪ وقت تائين برداشت نه  ٿي ڪري سگهي. ٻي پاسي گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت جي عملداري ۽ امان وا امان کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو. اميد ٿو ڪريان ته ڳالهيون ٻيهر شروع ٿينديون، جنهن ۾ حڪومت جي نمائندگي آئون ۽ نورالحق قادري ڪنداسين. هن چيو ته ڪالهه آرٽيڪل 147 تحت پنجاب پوليس رينجرز جي ماتحت ڪيو ويو، پنجاب حڪومت کين ضرورت مطابق ڪٿي به ڪتب آڻي سگهي ٿي، اسان جي ڪوشش آهي ته معاملا سٺي طريقي سان حل ٿين. جي ٽي روڊ تي 12 ربيع الاول  واري جلوس کي احتجاجي مارچ ۾ تبديل ڪيو ويو، جنهن سان عوام متاثر ٿي رهيو آهي، ان دوران 4 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 80 کان وڌيڪ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي چڪا آهن، جن مان 6 کان 8 تائين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي. گهرو وزير چيو ته لٺ بردار پوليس اهلڪارن تي گوليون هلايون ويون، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت پوليس کي رينجرز جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. حڪومت جي رٽ هر صورت ۾ قائم ڪئي ويندي، پنجاب ۾ پوليس کي رينجرز جي ماتحت ڪيو ويو آهي، دهشتگردي ايڪٽ هيٺ رينجرز کي سمورا اختيار حاصل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو