فائرنگ 156

ڪشمور ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ، ايس ٽي پي جو تعلقي جنرل سيڪريٽري قتل

گڊو (ويب ڊيسڪ) گڊو شھر جي ڀرسان 17 آر ڊي پل وٽ نامعلوم ھٿياربندن فائرنگ ڪري ايس ٽي پي تعلقي ڪشمور جي جنرل سيڪريٽري پنھل چاچڙ کي قتل ڪري ڇڏيو، ايس  ٽي پي اڳواڻ پنھل چاچڙ گڊو ۾ ايس ٽي پي تعلقي ڪشمور پاران گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول،گورنمينٽ گرلز ھاءِ اسڪول ۽ گورنمنيٽ پرائمري اسڪول جي بلڊنگس جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف ٿيندڙ احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ بعد پنھنجي ساٿين سان گڏ موٽرسائيڪل تي سوار ٿي واپس ڪشمور وڃي رھيو ھو ته 17 آر ڊي پل ڀرسان ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل تي پٺيان ايندڙ نامعلوم جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ ايس ٽي پي تعلقي ڪشمور جو جنرل سيڪريٽري پنھل چاچڙ پيٽ ۽ پاسي ۾ گوليون لڳڻ سبب مرڻينگ ٿي پيو، جڏهن ته تعلقي صدر رفيق چنه فائرنگ دوران معجزانه طور محفوظ رھيو. جڏھن ته فائرنگ ۾ مرڻينگ ٿيندڙ ايس ٽي پي اڳواڻ پنھل چاچڙ کي سندس  ساٿي گڊو جي نجي اسپتال کڻائي آيا، جتي ھن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. اطلاع تي چاچڙ برادري جا ماڻھون ايس ٽي پي جا ڪارڪن ۽ ڪشمور ٽائون ڪاميٽي جو اڳوڻو چيئرمين مير اسرار احمد خان کوسو اسپتال پھچي ويا، ايمبولينس گھرائڻ بعد مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ڪشمور نيو ويو، جتي پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد گھربل ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪري گڊو پوليس مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو. جنازي نماز بعد سندس لاءِ اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. مقتول جي پيءُ بھادر چاچڙ ٻڌايو ته چوٻول آھي ته سبزوئي برادري جي ماڻھن پٽ قتل ڪيو آھي، اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آھي، ظالمن ظلم ڪيو آھي جڏھن ته رابطو ڪرڻ تي ايس اڇ او گڊو اقبال جکراڻي ٻڌايو ته سبزوئي چاچڙ تڪرار ھلندڙ آھي ،ايس ٽي پي اڳواڻ کي سبزوئي برادري جي جوابدارن قتل ڪيو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته فريادي اچڻ بعد مقتول جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. جڏھن ته ايس ٽي پي ضلعي ڪشمور پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو