136

بلوچستان جو اڳوڻو اسپيڪر مير عبدالقدوس بزنجو بنا مقابلي وڏو وزير چونڊجي ويو ، قسم پڻ کڻي ورتو

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ)  بلوچستان جو اڳوڻو اسپيڪر مير عبدالقدوس بزنجو بنا مقابلي بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجي ويو. ڊپٽي اسپيڪر سردار بابر خان موسيٰ خيل جي صدارت هيٺ صوبائي اسيمبليءَ جي ٿيل اجلاس ۾ 65 مان 39 ميمبر موجود هئا ۽ سمورن اسيمبلي ميمبرن مير عبدالقدوس بزنجو جي حق ۾ ووٽ ڏنو. نئين چونڊيل وزيراعليٰ مير عبدالقدوس بزنجو جو تعلق آواران جي علائقي سان آهي، هو آواران جي علائقي جها ۾ ناليواري سياسي ۽ سماجي اڳواڻ مير عبدالمجيد بزنجو جي گهر ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم جها ۾ پنهنجي ڳوٺ شنڊي جي سرڪاري اسڪول مان حاصل ڪئي، جڏهن ته ميٽرڪ ۽ـ ايف ايس سي جي تعليم ڪوئٽا جي مختلف تعليمي ادارن مان مڪمل ڪئي. يونيورسٽي آف بلوچستان مان گريجوئيشن کان پوءِ هن نمل يونيورسٽي اسلام آباد ۾ انگلش لينگوئج ۾ ڊپلوما ڪيو. مير عبدالقدوس بزنجو سياست جي شروعات صدر جنرل پرويز مشرف جي دؤر ۾ بلدياتي چونڊن کان ڪيو. هڪ ووٽ گهٽ هجڻ سبب هو ضلع ناظم نه چونڊجي سگهيو. بلوچستان اسيمبليءَ ۾ مير عبدالقدوس بزنجو 39 ووٽ کڻي وڏو وزير چونڊجي ويو. وزيراعليٰ مير عبدالقدوس بزنجو ان چونڊ عمل ۾ اڪيلو اميدوار هو. اجلاس ۾ بي اين پي، جي يو آءِ پشتون خوا ملي عوامي پارٽي جي ميمبرن ۽ آزاد ميمبر نواب اسلم رئيساڻي شرڪت نه ڪئي. جڏهن ته نواب ثناءُ الله زهري مير عبدالقدوس بزنجو کي ووٽ ڏنو.  جڏهن ته وڏووزير چونڊجڻ کان پوِ هن شام جو گورنر هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ وڏي وزير طور قسم پڻ کڻي ورتو. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو