149

وڏي وزير سان هنگري سفير جي ملاقات، ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهايون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان هنگري جي سفير بيلا فازڪس     وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي هنگري جي سفير چيو ته سندس ڪراچي جو پهريون دورو آهي ۽ هنگري سان ڪراچي جا لاڳاپا پاڪستان جي قيام کان شروع ٿيا. سنڌ جي وڏي وزير هنگري جي سفير کي ٻڌايو ته ڪراچي هڪ تاريخي بندرگاهه وارو شهر آهي ۽ ان جي ساحلي پٽي ۽ تاريخي عمارتون ڏسڻ وٽان آهن. هن وڌيڪ چيو ته هنگري جي پرڏيهي وزير به ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي جو دورو ڪيو هو. هنگري جي سفير چيو ته ڪراچي ۾ سيڙپڪاري جا مختلف موقعا ڳولي رهيا آهيون ۽ اسان واٽر سيڪٽر منصوبي سميت فوڊ انڊسٽري، ڊيري ۽ پائيدار زراعت ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهيون ٿا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت هنگري جي سيڙپڪارن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سيڙپڪاري کاتو ۽ پي پي پي يونٽ هنگري سفارتخاني سان رابطو ڪندا ۽ هوءَ پاڻ به سيڙپڪارن سان ملندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته هنگري جون ڪمپنيون سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ، واٽر سپلاءِ، صفائي سٿرائي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو