133

ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ مظاهرا، بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ عمران خان کي گهر موڪلينداسين: پيپلزپارٽي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ وڌندڙ  مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خلاف پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي سڏ تي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيپلزپارٽي پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، اڳواڻن وزير اعظم عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو، اڳواڻن چيو ته آءِ ايم ايف ۽ حڪومت جي وچ ۾ ٿيل ڳجهن معاهدن جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آيو آهي، تبديلي سرڪار جيڪي عوام سان واعدا ڪيا انهن مان ڪو به ناهي پاڙيو، روزگار ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر روزگار کسيو ويو، گهر ٺاهي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر بي گهر ڪيو ويو ، مهانگائي جي طوفان ۾ عوام جو جيئڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي، رپورٽ موجب  ڪراچي جي ڇهن ئي ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، اڳوڻي سينٽ چيئرمين ميان رضا رباني، شيري رحمان ۽ ٻين اڳواڻن وزيراعظم عمران خان کان استعيفا جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف ۽ حڪومت وچ ۾ ٿيل ڳجهن معاهدن سبب ملڪ ۾ مهاناگائي جو طوفان آيو آهي، پارليامينٽ کان مٿانهان ٿيل عوام دشمن معاهدا ختم ڪري نيازي حڪومت کي گهر موڪليو وڃي. پ پ ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهري کي پ پ جي مرڪزي اڳواڻن سينيٽر ميان رضا رباني، پ پ جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان، سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيٽر تاج حيدر، پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، ڪراچي جي جنرل سيڪريٽرين جاويد ناگوري، مرتضيٰ وهاب، شهلا رضا ۽ ٻين چيو ته مهانگائي خلاف ملڪگير احتجاج نااهل حڪومت تي عوام ۾ بي اعتمادي جو سبب آهي، نيازي حڪومت کي ئي نااهل ٿيڻو پوندو. پارليامينٽ کان مٿانهان پاس ڪيل عوام دشمن معاهدا ختم ڪري نيازي حڪومت کي گهر موڪليو وڃي. پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڏکڻ جي تحت ريگل چوڪ صدر ۾ احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي سينيٽر رضا رباني چيو ته سڄي ملڪ ۾ عوام آءِ ايم ايف ۽ پي ٽي آءِ حڪومت خلاف سراپا احتجاج آهي، عمران خان آءِ ايم ايف جو ڪٺ پتلي آهي، حڪمرانن مزدورن جي گهرن جي چلهه به بند ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳجهو معاهدو ٿيو جنهن جي پارليامينٽ يا عوام کي خبر ناهي، حڪومت آمريڪي سامراج ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو آهي. پ پ جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته حڪمرانن جو ڳڻپ شروع ٿي ويو آهي، عوام مهانگائي، بدامني ۽ بدانتظامي خلاف سراپا احتجاج آهي. تحريڪ عدم اعتماد اڄ کان شروع ٿي وئي آهي، پيپلز پارٽي پهريون گروپ آهي، هاڻي وچولو طبقو به نعرو هڻي رهيو آهي، اسان جو قبلو هڪ ئي آهي، الله ۽ عوام، عمران نيازي جو قبلو آمريڪا آهي، پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي چيو ته اڄ عوام مهانگائي خلاف نڪري آيو آهي، اسان کي قائداعظم ۽ قائداعظم جو پراڻو  پاڪستان گهرجي. پيپلز پارٽي اوڀر ضلعي جي تحت الآصف اسڪوائر سپر هاءِ وي تي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته عمران خان جي بدانتظامي سبب هن وقت سڄو ملڪ سراپا احتجاج آهي. وڏا بل ادا ڪرڻ باوجود عوام بجلي ۽ گيس کان محروم آهي، جلسي کي حبيب الدين جنيدي، آصف خان، لالا رحيم، شرميلا فاروقي، وقاص شوڪت، خالد لطيف، نويد ڀٽي، سردار نزاڪت ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. پيپلز پارٽي ڪورنگي ضلعي طرفان سنگر چورنگي وٽ مظاهري کي خطاب ڪندي پ پ جي سينيئر اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر چيو ته عمران نيازي ملڪ جي 74 سالن جي تاريخ ۾ مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. هن وقت ملڪ جو عوام مهانگائي، خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي ملبي هيٺان دٻجي ويو آهي. مظاهري کي جاويد شيخ، مرزا مقبول، ذوالفقار قائمخاني ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. پ پ ضلعي اولهه طرفان بنارس جي باچا خان چوڪ تي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب، ايم اين اي قادر خان مندو خيل، ڊاڪٽر شاهده رحماني، لياقت آسڪاڻي ۽ ٻين چيو ته موجوده حڪومت مهانگائي جي جنن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، غريب ٻه وقت جي مانيءَ کي ترسندو آهي چونڊيل حڪومت جون سموريون پاليسيون اي ٽي ايمز جي فائدن لاءِ آهن، پي ٽي آءِ حڪومت عوام جي ڪاوڙ مان نڪري ويندي ۽ بلاول ڀٽو ئي پاڪستان جي عوام جو نجات ڏيندڙ هوندو، پيپلز پارٽي سينٽرل ضلعي طرفان لياقت آباد نمبر 10 ۾ احتجاجي مظاهري کي خطاب. صوبائي وزير شهلا رضا چيو آهي ته عمراني حڪومت عوام کي جيئرو ئي دفن ڪري ڇڏيو آهي، تبديلي جو نعرو کڻي ايندڙن تباهي مچائي ڇڏي آهي، بجلي جي اگهن ۾ 200 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.ڪراچي مان گهرن ڏانهن ويندڙن جي خاموشي هڪ لمحي جي عڪاسي آهي، ڪراچي جي چيمپيئن پنهنجي مفاد لاءِ ٽي ڀيرا حڪومت کي ڇڏي ڏنو آهي. ڪراچي ۾ ٿيل احتجاجي مظاهرن ۾ پيپلز يوٿ، پيپلز ليبر بيورو، پيپلز پارٽي عورت ونگ ۽ ٻين لاڳاپيل تنظيمن جي ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا، نيازي جي حڪومت، جنهن تي گو نيازي گو ”ڪپتان کائي ويو“، ”روٽي، ڪپڙو ۽ گهر“، ”چونڊ ڪندڙ پنهنجي چونڊ تي نظرثاني ڪريو“، پيٽرول مهانگو، بجلي مهانگي، گيس مهانگو، اٽو مهانگو، کنڊ مهانگو، جا نعرا هنيا ويا. مظاهرين ڳچيءَ ۾ سڪل ماني لٽڪائي پهتا، مظاهرين بجلي ۽ گيس جا بل به ساڙي ڇڏيا، ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ مظاهرن ۾ عورتن جو وڏو انگ موجود هو. مظاهرين مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ وزيراعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو پڻ ڪيو ، هوڏا نهن ملير ۾اڳوڻي وڏي  سيد قائم علي شاه, صوبائي وزير سوشل ويلفيئر محمد ساجد جوکيو, وڏي وزير جي خاص مددگار سلمان عبدالله مراد بلوچ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو مظاهري ۾ ايم اين اي آغا رفيع الله, ايم پي اي راجا رزاق بلوچ, ايم پي اي يوسف بلوچ, ايم پي اي شاهينا شير علي, ايم پي اي سليم بلوچ, انفارميشن سيڪريٽري مير عباس ٽالپر, جان محمد بلوچ, پي ايس 87 جي صدر امداد جوکيو, نذير ڀٽو سميت ڪارڪنن جو وڏو انگ شرڪت ڪئي، ٻئي طرف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ هزارين پ پ جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. جن عمران خان ۽ مهانگائي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي پ پ سينيٽر مولا بخش چانڊيو, صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو, صلاحڪار صغير قريشي, ايم اين اي طارق شاهه ڄاموٽ, پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ايم اين اي شگفته جماڻي ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته عمران سرڪار عوام سان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. حڪمرانن حلف کڻڻ واري ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين عوام جو رت چوسيو آهي. هنن چيو ته هن ملڪ ۾ هاڻ عوام جو جيئڻ حرام ٿي ويو آهي. مهانگائي جو طوفان برپا ڪيو ويو آهي. عوام ماني ڳڀي لاء پريشان آهي. تيل گئس بجلي سميت روز مرهه جي شين جا اگهه آسمان تي پهچايا ويا آهن. مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي پر حڪمرانن کي عوام جي ڪابه پرواهه ناهي. هنن چيو ته وفاقي سرڪار پهريان ميڊيا جي ماڻهن کي بي روزگار ڪيو. ان بعد هزارين ماڻهن کي ادارن مان نيڪالي ڏئي ڏئي. روزگار ڏيڻ جا وعدا ڪندڙ روزگار کسي رهيا آهن. بدترين حڪمراني مان عوام مڪمل بيزار ٿي چڪو آهي. اهڙن نااهل حڪمرانن مان عوام نجات چاهي ٿو، ٻئي طرف سجاول ۾ ٺٽي جي گهوڙاٻاري تڪ تان چونڊيل پيپلزپارٽي جي  ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي  پيپلزپارٽي جي آفيس کان ٿيندي پبلڪ پارڪ تائين پهتي، جنهن ۾  ضلعي سجاول جي صدر محمد علي ملڪاڻي ، سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر  ريحانه لغاري، ايم پي اي هير سوهو، ايم اين اي اياز شاهه شيرازي، ايم پي اي شاهه حسين شاهه شيرازي، ارباب وزير احمد ميمڻ، دانش ملڪاڻي، ارباب ڪامران ميمڻ، ارباب رميز الدين ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي،  ان موقعي تي  اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته عمران خان جي نا اهل حڪومت ملڪ ۾ رڪارڊ مهانگائي ڪئي آهي، 70 سالن جي تاريخ ۾ ايتري مهانگائي ناهي ٿي، جيتري ٽن سالن اندر ٿي آهي، موجوده نااهل ۽ عوام دشمن وفاقي حڪومت مان جند ڇڏائنيداسين، هوڏانهن ٺٽي ۾ اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو، ايم پي ايز ڄام اويس بجار جوکيو، سيد رياض حسين شاھ شيرازي، صوبائي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، عاشق حسين زرداري،پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي صدر صادق ميمڻ ۽ جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾   عبدالحميد پنھور، محمود عالم شاھ بخاري، پير رحماني، حاجي غني بگھياڙ، وڏيرو رسول بخش جاکرو، ڀورو سرڪي، سپاف ضلعي ٺٽي جي صدر امداد سرڪي، نور حسن سرڪي، جھانگير پالاري، شاھنواز لوھار، غلام حيدر سمون، بشير احمد جوکيو سميت ليڊيز ونگ جي عورت اڳواڻن ۽ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري وفاقي حڪومت جي پاليسين خلاف زوردار نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ضلعي صدر صادق علي ميمڻ، اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو، ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، امتياز قريشي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  جڏھن کان نيازي حڪومت آئي آھي، تڏھن کان ملڪ ۾ حد کان وڌيڪ مھانگائي وڌڻ ڪري غريب ۽ پورھيت طبقو 2 ويلا ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي، ٻچا وڪڻڻ ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھي، پر عمران سرڪار جي ڪن تي جون به  نٿي سري، اڳواڻن چيو ته نيازي حڪومت عوام کي نوڪريون ۽ گھر ڏيڻ جا جيڪي سونھري خواب ڏيکاريا اهي ته پورا ناھن ڪيا، ويتر وفاقي حڪومت تيل سميت عام واھپي جون شيون مھانگيون ڪري عوام کان جيئڻ جو به حق کسي ورتو آھي، جيڪا مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي، سليڪٽيڊ وفاقي حڪومت ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي، جنھن کي پيپلزپارٽي  چيئرمين بلاول ڀٽو گھر ڀيڙو ڪري پوءِ سک جو ساھ پٽيندو.ٻئي طرف  سکر ۾ به پ پ ڪارڪنن جي وڏي انگ سکر هائوس کان پريس ڪلب تائين پ پ جي ميمبر قومي اسيمبلي نعمان اسلام شيخ، سنڌ جي وڏي وزير معاون خاص ارسلان شيخ، پ پ سٽي سکر جي صدر مشتاق سرهيو، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد مغل، چوڌري اظهر حسنين، پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ميڊم عذرا جمال، ناهيد سومرو ۽ ٻين جي قيادت ۾ مهانگائي نامنظور ريلي ڪڍي ۽ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو، احتجاجي ڌرڻي ۾ عورت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ کاڌي پيتي جي شيون جون ٿاليون رکيل هيون جڏهن ته عورت ڪارڪنن جي ڳچي ۾ روٽي جو هار پڻ پهريل هو، احتجاج ڌرڻي ۾ شرڪاءَ مهانگائي ۽ وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ پلي ڪارڊن ۽ بينرن تي حڪومت خلاف سخت نعرا درج هئا، احتجاجي ڌرڻي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميمبر قومي اسيمبلي ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه، صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيد اويس قادر شاهه ۽ ٻين خاص شرڪت ڪئي جڏهن ته احتجاجي ڌرڻي ۾ پ پ جي ذيلي تنظيمن جي اڳواڻن سميت اڳوڻي يوسي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن، ڪائونسلرن سميت سماجي، سول سوسائٽي جي اڳواڻن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي سان خطاب ڪرڻ دوران پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيد اويس قادر شاهه، نعمان اسلام شيخ، ارسلان شيخ ۽ ٻين خطاب ڪرڻ دوران چيو ته عمران خان پنهنجا ڪيل وعدا پورا ناهي ڪري سگهيو، ان لاءِ ان کي کپي ته هو گهر هليو وڃي، ٻئي طرف شڪارپور ۾ پيپلز پارٽي طرفان وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين۽ مهنگائي خلاف احتجاجي پيادل مارچ، جماڻي حال چوڪ تي احتجاجي مظاهرو. ڌرڻو، گو نياز گو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا، شڪارپور ۾ به پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين ۽ وڌندڙ مهنگائي خلاف شڪارپور هائوس کان پريس ڪلب تائين صوبائي وزير امتياز احمد شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي پيادل مارچ ڪيو ويو، جڏهن ته ڀيو هائوس کان ضلع صدر ۽ ايم اين اي مير عابد خان ڀيو جي اڳواڻيءَ ۾ جماڻي هال تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جماڻي هال چوڪ تي پ پ جي سوين ڪارڪن هٿن ۾ جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪندي گو نياز گو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا، صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ، پ پ ضلع صدر ۽ ايم اين اي مير عابد خان ڀيو، سردار مقبول احمد شيخ، ڪامران خان مهر، حاجي محمد نواز معرفاڻي، ايڊووڪيٽ عقيل عباس سومرو، ذوالفقار ڪماريو، جاويد دراني، سڪندر علي ڀٽو، ناظم ڏهر سميت سوين ڪارڪن احتجاجي ريلي ۾ شامل هئا، ان موقعي تي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ خطاب ڪيو، هوڏانهن ٽنڊي ڄام ۾  ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ جي اڳواڻي ۾ راول هائوس کان، ايم اين اي سيد طارق شاہ ڄاموٽ جي اڳواڻي ۾ مسوڀرڳڙي کان، ضلعي صدر پير امجد حسين شاهه جيلاني ۽ انفارميشن سيڪريٽري اسماعيل وساڻ جي اڳواڻي ۾ جيلاني هائوس پٻڻ کان سوين گاڏين جي ريلي ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري مير شير محمد ٽالپر جي اڳواڻي ۾ مير هائوس ٽنڊوڄام کان سوين ماڻھن جو قافلو ڪڍي ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نيازي سرڪار خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ٻئي طرف پ پ پ  ضلع ٿرپارڪر طرفان صادق فقير چوڪ مٺي تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ۽ ان کانپوء صادق فقير چوڪ کان ڪشمير چوڪ تائين احتجاجي ريلي ضلع صدر انجنيئر گيانچند, ايم اين اي ۽ پ پ پ ڊويزنل جنرل سيڪريٽري  ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي, ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي, ايم پي اي محمد قاسم  سراج سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي, جنهن پ پ پ ضلع جنرل سيڪريٽري دوست محمد راھمون، ارباب امير امان الله نيٽر ڪرشنا ڪماري,ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي, سابقه ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، معاون خصوصي ويرجي ڪولهي,دادن ھنگورجو, سشيل ڪمار ملاڻي, محمد خان لنڊ, عمر لنڊ, ڪريم ڏنو دل, عيسي راهمون, آدم هنگورجو, ڀيرولال مکي, ميئن بجير, ڪملا ڀيل, سمترا منجياڻي, ڪندن مالهي, سراج سومرو, ڪنور امر, دليپ ننداڻي, سمير ٿاهراڻي سميت معززين شھرين واپارين ـ ٻين ضلع اڳواڻن ۽ اڳوڻن بلدياتي اڳواڻن, ذيلي ونگس اڳواڻن ڪارڪن جيالن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، هوڏانهن دادو ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي بئريسٽر پير مجيب الحق جي اڳواڻي ۾ پير هائوس کان دادو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي هٿن ۾ بينر ۽ پارٽي جا جهنڊا هئا انهن پاران وزير اعظم پاڪستان عمران خان جي غلط پاليسين سبب وڌندڙ مهانگائي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.ريلي ۾ شامل ڪارڪنن ايس پي چونڪ تي لڳل ڪئمپ تي پهچي پ پ پ ايم پي اي پير مجيب الحق ۽ پ پ پ اڳواڻ ايم عمر پنهور ريلي کي خطاب پڻ ڪيو، ٻئي طرف ميرپورخاص ۾ پ پ پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي خلاف ڊويزنل صدر پير آفتاب شاھ جيلاني ۽ ضلعي صدر ايم اين اي مير منور ٽالپر جي اڳواڻي ۾ ميرپورخاص پريس ڪلب آڏو وفاقي حڪومت خلاف  احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو،  مظاهري کي خطاب ڪندي پير آفتاب حسين شاھ جيلاني, ايم اين مير منور ٽالپر, ايم پي اي ھريرام ڪشوري لال,  ايم پي اي سيد ذوالفقار شاھ، ايم پي اي مير طارق ٽالپر, پ پ اڳواڻ عبدالسلام ميمڻ، درياخان مري ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٻئي طرف عمرڪوٽ ۾ آڏو پ پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاه، اڳوڻي ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر نور علي شاه، وڏي وزير سنڌ جي صلاحڪار پونجو مل ڀيل، پ پ پ ضلعي جنرل سڪريٽري صوفي نواز، پ پ پ ضلعي انفارميشن سڪريٽري برهان ڪنڀار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ۽ سخت نعري بازي ڪئي، هوڏانهن  ٽنڊوالهيار ۾ پ پ پ جو وفاقي حڪومت خلاف ڊويزنل صدر سيد علي نواز شاه رضوي ۽ ضلعي صدر ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي جي اڳواڻي ۾ ڪيريا شاخ باء پاس روڊ تي سوين ڪارڪنن سان گڏ ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي ۾ صوبائي وزير سيد ضياء عباس شاه رضوي ، ايم پي اي امداد پتافي . ڊويزنل جنرل سيڪريٽري دوست علي جهيسر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ٻئي طرف   خيرپور ضلعي پيپلزپارٽي پاران جيلاني هائوس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريليءَ جي اڳواڻي پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد جاويد علي شاه جيلاني،پ پ ضلعي صدر ايم پي اي ساجد علي ٻانڀڻ، انفارميشن سيڪريٽري علي شير مڪول، ايم پي اي نعيم احمد کرل،پ پ پ ليڊيزن ونگ ضلعي صدر ايڊوڪيٽ زينب بلوچ، انفارميشن سيڪريٽري رابعه عباسي، ڪلچرل ونگ سکر ڊويزن جي صدر سيد پرويز علي شاه جيلاني،غلام حيدر ڦلپوٽو، سيد شيراز جيلاني، سيد علي مدد شاه، ايڊوڪيٽ محمد عاقل سمنگ، امام ڏنو ملاح، زاهد ڳنڀير، ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي پ پ پ صدر ساجد علي ٻانڀڻ ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو، جڏهن ته ٻئي طرف جيڪب آباد ۾ پيپلز پارٽي پاران پريس ڪلب اڳيان وڏا ٽينٽ شاميانا لڳائي هڪ وڏو پنڊا قائم ڪيو ويو جتي ضلعي جي ٽنهي تعلقن ڳڙهي خيرو جيڪب آباد ۽ ٺل کان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جا وڏا قافلا پهتا جنهن پنڊال ۾ پيپلز پارٽي جي سموري زيلي ونگن عورت ونگ.هاري ونگ لاير ونگ. ڊاڪٽر ونگ سپاف يوٿ ليبر ونگ جي سوين ڪارڪن شرڪت ڪئي  مهنگائي خلاف سماجي اڳواڻ حاجي شير محمد مغيري طرفان سوين ماڻهن خصوصي طور شرڪت ڪئي جڏهن ته ٺل کان ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي.پ پ جي جنرل سيڪريٽري حاجي عارب دايو.مير طاهر خان کوسو جهانگير خان بنگلاڻي مير برڪت دستي حاجي حضور بخش ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ جلوس پنڊال ۾ پهتو ڳڙهي خيرو کان ايم پي اي مير ممتاز خان جکراڻي ٽڪا خان لغاري سيد عزيز الله شاهه جي اڳواڻي ۾ جلوس پهتو جڏهن ته جيڪب آباد مان پي ٽي آء ايم پي اي اسلم ابڙو. اڳوڻي ايم پي اي مير زيب خان پنهور ضلعي صدر مير لياقت خان لاشاري مير علي نواز خان پنهور.مير رحمت الله کوسو سردارزاده حنيف خان بليدي سردار اقبال ڪٽو ليڊيز ونگ جي ڊاڪٽر فرخندا اقبال ڪٽو شمع جمالي قمربانو جي اڳواڻي ۾ جلوس پنڊال ۾ داخل ٿيو مهنگائي خلاف پنڊال ۾ لڳل هزارين ماڻهن جي ڌرڻي کي پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار مير اعجاز خان جکراڻي خطاب ڪيو، هوڏانهن ٻئي طرف لاڙڪاڻي جي قائم شاهه بخاري روڊ تي پي پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي قيادت ۾ هزارين ڪارڪنن ڌرڻو هڻي زبردست احتجاج ڪيو. ڌرڻي ۾ نثار کهڙو، جميل احمد سومرو،سهيل انور سيال. خورشيد جوڻيجو،سردار آغا علي نواز جلباڻي. اعجاز لغاري، طارق انور سيال ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڪارڪنن ۽ جيالين شرڪت ڪئي. جن پيٽرول مهانگو هاءِ هاءِ، روٽي مهانگي هاءِ هاءِ، بجلي مهانگي هاءِ هاءِ ۽ گو عمران گو جي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڌرڻي کي صدارتي خطاب ڪندي پي پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته وزيراعظم عمران خان استعيفا ڏئي نه ته عوام تي مڙهيل هن وزيراعظم ۽ تبديلي سرڪار کي گهر موڪلڻ لاءِ سڀئي آپشن استعمال ڪنداسين. هن چيو ته پي ڊي ايم جي جماعتن لانگ مارچ ملتوي ڪري عمران خان جي حڪومت کي مضبوط ڪري رهيون آهن ته پيپلز پارٽي هر چوڪ تي هن حڪومت خلاف لانگ مارچ ڪندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جيڪڏهن اعلان ڪيو ته اسلام آباد طرف به مارچ ڪنداسين، ٻئي طرف قمبر پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي سڏ تي وفاقي سرڪار طرفان پئٽرول بجلي ۽ عام واهپي جي شين جي قميتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف پ پ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڀٽو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ان سلسلي ۾ احتجاجي ريلي سان خطاب ڪندي اڳواڻن قمر الدين گوپانگ نياز چانڊيو شاھ غازي مغيري لياقت علي گوپانگ پنهل سومرو اقبال يوسف بروهي ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٻئي طرف باقراڻي، اڇي مسجد موئن جو دڙو ، اوٺا چوڪ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ، لاڙڪاڻي ۾ رٿيل پ پ پ جي احتجاج ۾ شرڪت لاء باقراڻي تعلقي مان اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ پ ايم پي اي سھيل انور سيال ، پ پ پ اڳواڻ حاجي شفقت حسين انڙ ، پ پ پ ايم پي اي حزب الله خان ٻگھيو ، اڳوڻي ايم اين اي سردار نظير احمد ٻگهيو ، پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون ، ان سلسلي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ پ ايم پي اي سھيل انور سيال ۽ سندس ڀاء پ پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر  طارق انور سيال جي اڳواڻي ۾ سيال ھائوس انور آباد مان سوين گاڏين جي ريلي ڪڍي وئي جيڪا لاڙڪاڻو ـ خيرپور روڊ کان ٿيندي اوٺا چوڪ تي پھتي جتي ڪارڪنن پاران ريلي مٿان گلن جي ورکا ڪئي ، ھوڏانھن پ پ پ اڳواڻ حاجي شفقت حسين انڙ ، سيد نعيم اختر شاهه راشدي جي اڳواڻي ۾ انڙ ھائوس علي آباد مان پڻ سوين گاڏين جي ريلي ڪڍي وئي جيڪا باقراڻي شهر ، ھٽي ۽ موھن جو دڙو روڊ کان ٿيندي اوٺا چوڪ تي پھتي جڏهن ته باقراڻي تعلقي مان ٽين ريلي پ پ پ ايم پي اي حزب الله خان ٻگھيو سندس ڀاء اڳوڻي ايم اين اي سردار نظير خان ٻگھيو  جي اڳواڻي ۾ پڻ سوين گاڏين جي ريلي ڪڍي وئي جيڪا موھن جو دڙو روڊ کان ٿيندي اوٺا چوڪ پھتي جتان وڏي گڏيل ريلي جي صورت ۾ ڪارڪن لاڙڪاڻي روانا ٿي ويا، ٻئي طرف پيپلزپارٽي ضلعي مٽياري پاران وڌندڙ مهانگائي خلاف ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان جي قيادت ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ريلي ايم پي اي آفيس کان ٿيندي پريس ڪلب مٽياري پهتي ان موقعي تي اڳواڻن ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان، سيد فضيل حبيب شاھ، شهزاد شاھ، وزير ميمڻ، شازيا عطا چانگ، وڏيرو ھارون باريجو خادم حسين ڪوري ،اسد الله ميمڻ، جميل منگواڻو، امتياز علي پهوڙ، ۽ ٻين خطاب ڪيو، هوڏانهن  هالا ۾ به صوبائي وزير روينيو رليف مخدوم محبوب الزمان جا جيالا وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ وڌنڌڙ مهانگائي خلاف اڄ روڊن تي سراپا احتجاجي بنيل رهيا هالا ۾ به پيپلز پارٽي جا جيالا نااهل وفاقي حڪومت جي خلاف مخدوم هائوس هالا کان صوبائي وزير جي ڪوآرڊينيٽر پ پ هالا سٽي صدر ميرمسرت جعفري ،پ پ ڀٽ شاه جي صدر احسن عباس لطيفي ،تعلقه انفارميشن سيڪريٽري امداد چانگ ،پ پ هالا سٽي جنرل سيڪريٽري ڪامران سمون جي اڳواڻي ۾ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي  جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي هالا پريس ڪلب پهتي هالا پريس ڪلب تي ريلي کي  مير مسرت جعفري ، امداد چانگ  ،احسن عباس شاه لطيفي ، ڪامران سمون ، امير بخش ارباب ، عبدالرحيم دايو  ٻين خطاب ڪيو، ٻئي طرف ڊيراالله يار ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي پاران وڌندڙ مھانگائي خلاف سيد عبدالله شاھ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪري مظاھرو ڪيو ريلي ۾ پي پي جي سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿي ڪري مک ٽي چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو ريلي کي خطاب ڪندي سيد عبدالله شاھ ,ذذوالفقار علي کوسو عبدالحميد کوسو۽ ٻين خطاب ڪيو، ٻئي طرف قاضي احمد ۾ ڌرڻي کي اڳوڻي سينٽر عاجز ڌامره .ايم اين اي سيد غلام مصطفي شاھ..ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، ڄام آفتاب علي خان انڙ. سيد فصيح  احمد شاھ. مشھور اداڪار ايوب کوسو. غلام قادر چانڊيو . عبدالنبي جمالي. عبدالغفار جتوئي. ڄام تبريز انڙ مير عمران علي جمالي حاجي خان لاکو ۽ ٻين خطاب ڪيو،  هوڏانهن نوشهروفيروز ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو ويو،   ايم اين اي ايم پي اي ابرار شاه سرفراز شاه فيروز جمالي سهيل عباسي غضنفر راڄپر عزيزاحمد بهڻ  ۽ ٻين  خطاب ڪيو.ٻئي طرف پيپلزپارٽي ضلعي سانگهڙ پاران ٽنڊو آدم ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ۔ پيپلزپارٽي  جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ايم اين اي شازيه مري عمران حڪومت خلاف انوکو احتجاج ڪري اٺ گاڏي تي سوار ٿي شھيد بينظير ڀٽو اوور هيڊ برج تان ريلي ڪڍي جيڪا شھر جي مختلف رستن تان گشت ڪندي پريس ڪلب پهتي جتي ايم اين اي نويد ڏيرو ، علاءُ الدين جوڻيجو ، ايم پي اي شاهد ٿهيم ، سرفراز راڄڙ ، شڪيل مري ، علي حسن هنڱورجو، سانول ڏيرو۔  جاويد شورو  ملڪ ذوالفقار روشن ، تاج محمد ورياھ ،  مقبول نظاماڻي۔معظم کوسو۔  عامر خاصخيلي  يوسف شاهه ۔ جاويد بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو ۔  ان موقعي تي  پيپلزپارٽي  جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ ايم اين اي  شازيه عطا مري چيو آهي ته قوم عمران خان کان پراڻو پاڪستان جي واپسي چاهي ٿي ۽ عمران نيازي جي تباهي سرڪار ملڪ ۾ ھرطرف تباهي مچائي ڇڏي آهي، شازيه مري چيو ته موجودهه حڪومت ملڪ جي معيشت غيرن وٽ گروي رکي ڇڏي آهي، جڏهن ته نااهل ۽ نالائق حڪومت قوم کي قرضي بڻائي جشن ملهائي رهي آهي، شازيه مري وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري امداد نه پر واپار واري پاليسي تي عمل ڪندي ملڪ کي باوقار بڻايو ھو ۽ قوم کي بلاول ڀٽو جو ساٿ ڏيڻ گھرجي ھو اقتدار ۾ اچي قوم کي مايوس نه ڪندو، هن چيو ته هي ظالم ۽ نا اهل حڪومت آھي هن کي گهر ڀيڙو ڪري دم پٽينداسين ۽ پيپلزپارٽي پاران احتجاج جو دائرو اڃان وسيع ڪيو ويندو،  هن چيو ته عمران نيازي ملڪ لاءِ خطرو آھي اهو عوام ۽ ملڪ جي سيڪيورٽي لاءِ به خطرو آھي هن چيو ته هن مهانگائي ڪئي آھي، ان ۾ عوام جو جيبئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ۽ هي سليڪٽيڊ آھي ۽ ٻيهر به سليڪٽڊ ٿيڻ چاهي ٿو ان لاءِ اليڪٽرڪ مشين جو سهارو وٺڻ ٿو چاهي پر اسان اهو ٿيڻ نه ڏينداسين، ، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع گهوٽڪي پاران ضلعي هيڊ ڪوارٽر ميرپور ماٿيلو ۾  پوري ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ ڀٽائي چوڪ تي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي پ پ پ ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير بابار خان لُنڊ، صوبائي وزير سردار عبدالباري پتافي، ڄام اڪرام ڌاريجو، سڪندر علي لاکو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته نيازي سرڪار پوري ملڪ جي عوام جو متيون منجهائي ڇڏيون آهن نيازي سرڪار مهانگائي ڪري  عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري ۽ لٽي رهيو آهي هنن چيو ته پ پ پ واحد پارٽي آهي جيڪا عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن کي سمجهي غريب طبقو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ به پريشان آهي پ پ پ جهموريت تي يقين رکي ٿي باقي نيازي حڪومت عوام سان ٻه اکيائي ڪري پئي اها هر ڪنهن جي سامهون آهي هنن چيو ته بلاول ڀٽو ئي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهي ٿو باقي نيازي سرڪار ڏينهنون ڏينهن مهانگائي ڪرڻ ۾ پوري آهي حڪومت هلائڻ ان جي وس جي ڳالهه ناهي، ٻئي طرف پيپلزپارٽي بدين طرفان شھيد بينظير پارڪ کان صوبائي وزير اسماعيل راهو ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر ايم پي اي مير ﷲ بخش ٽالپر وڏي وزير جي خاص معاون سردار رسول بخش چانڊيو پير نورﷲ قريشي تنزيلزا قمبراڻي جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي  اطلاعات سيڪريٽري انور ملاح فدا حسين منڌرو امير حسن کوسو حاجي مير ملاح ليديز ونگ جي اڳواڻ مير ساجده ٽالپر امينا ملاح حاجياڻي کوسو اڳوڻي ايم پي اي محمد نواز چانڊيو اڳوڻي جنرل سيڪريٽري غفور نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪن ۽ عورتن پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو