اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بجلي هڪ رپيو 39 پئسا مهانگي ڪرڻ جون تياريون ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ لاءِ نيپرا کي درخواست موڪلي ڇڏي آهي، جنهن ۾ بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ هڪ رپيا 39 پئسا في يونٽ تائين واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي، نيپرا وفاقي حڪومت جي درخواست تي 2 نومبر تي ٻڌڻي ڪندي، دستاويزن موجب بجلي قيمت ۾ واڌ جي درخواست ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ جي صارفين جي لاءِ آهي، جڏهن ته بجلي قيمتن ۾ واڌي لائيف لائين صارفين کي لاڳو نه ٿيندي، دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين به ان واڌ کا آجيان هوندا، ياد رهي ته توانائي واري وفاقي وزارت بجلي قيمت ۾ واڌ جو اڳ ۾ ئي اعلان ڪري چڪي آهي، ان کان اڳ 15 آڪٽوبر تي وفاقي ۡڪابينا بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، جنهن کانپوءِ بجلي قيمت هڪ رپيو 68 پئسا واڌ ڪئي وئي هئي.
108