اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽي ايل پي پاليسي تي اتحادي جماعتون به حڪومت کان ناراض ٿي ويون آهن، حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته جي ڊي اي پارلياماني سطح تي اهو معاملو اٿاري، جلد قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏايو وڃي، جڏهن ته جي ڊي اي ميمبر سائره بانو چيو ته حڪومت معاملو پارليامينٽ آڏو رکڻ جو واعدو ڪيو هو، هاڻي ايوان ۾ اهو معاملو ڇو نٿو آندو وڃي، جڏهن ق ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو ته دشمن ملڪ سان ڳالهايون ٿي سگهن ٿيون ته پنهنجن سان ڇو نه؟، ڳالهين جا دروزا بند نه ٿيڻ گهرجن، حڪمرانن وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي.
116