495

پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان واپس ملي ويو، انٽرا پارٽي چونڊ ۽ نشان بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل

پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان واپس ملي ويو، انٽرا پارٽي چونڊ ۽ نشان بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل

پشاور (م ڊ ) پشاور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جون انٽرا پارٽي چونڊون رد ڪرڻ ۽ پارٽي نشان واپس وٺڻ جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي منع نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ دليل مڪمل ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي منع نامو جاري ڪيو. عدالتي فيصلي موجب ڪيس جو فيصلو ٿيڻ تائين اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل رهندو. عدالت طرفان چيو ويو آهي ته موڪلون ختم ٿيڻ کان پوءِ پهرين ڊبل بينچ ۾ ڪيس ٻڌو ويندو. تحريڪ انصاف طرفان پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ انٽرا پارٽي چونڊن کي چئلينج ڪندڙ درخواست گذارن کي به ڌر ڪيو ويو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي. تحريڪ انصاف جي درخواست تي جسٽس ڪامران حيات ميان خيل ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ جي وڪيلن علي ظفر، بابر اعواڻ ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر دليل ڏنا. پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر دليلن ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن اختيارن کان مٿانهون استعمال ڪيو. پي ٽي آءِ کي چيو ويو ته 20 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائي. 3 ڊسمبر تي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون ويون. اليڪشن ڪميشن به اهو مڃيو ته انٽرا پارٽي چونڊون ٿيون آهن. اليڪشن ڪميشن چونڊن جي باري ۾ چيو ته صحيح ٿيون آهن. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان سرٽيفڪيٽ به ڏنو ويو.
 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان واپس ملي ويو، انٽرا پارٽي چونڊ ۽ نشان بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل” ایک تبصرہ

پنهنجي راءِ ڏيو