117

ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي غفلت سبب فوت ٿيل ٻارڙي جي وارثن پاران 44 لک حرجاڻي جي دعويٰ داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اورنگي ٽائون ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي مبينه غفلت سبب بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل 6 ورهين جي ٻارڙي جي وارثن پاران ڪي اليڪٽرڪ خلاف سينيئر سول جج ڏکڻ جي عدالت ۾ 44 لک رپين جي هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 17 جنوري تي ڪي اليڪٽرڪ جي غفلت سبب ٻه ٻارڙا شديد زخمي ٿيا، ٻار بالڪوني ۾ راند ڪري رهيا هئا ته اوچتو ڌماڪو ٿيو، واقعي ۾ 6 سالن جو ٻار موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن هڪ شديد زخمي ٿي پيو. ڪي اليڪٽرڪ جون 11 هزار وولٽيج جون تارون گهر جي بالڪوني ۾ لڳل هيون. خطرناڪ تارن کان شهرين کي محفوظ رکڻ ڪي اليڪٽرڪ جي ذميواري آهي جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي کليل تارن سبب ٻارڙو فوت ٿيو آهي جنهن ڪري ڪي اليڪٽرڪ متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جو ذميوار آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو