ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي بلديات، ڳوٺاڻي ترقي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سوشل ميڊيا تي بينظير ڀٽو شهيد پارڪ ڪلفٽن ۾ داخل ٿيندڙ شهرين کان رقم وٺڻ تي لاڳاپيل آفيسرن کي ان غيرقانوني ڪم ۾ ملوث جوابدارن خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ۽ واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته شهرين کي ستائيندڙ عنصرن خلاف قانون موجب سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن اڳتي ڪنهن کي به اهڙي حرڪت ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي. بلديات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي هدايتن تي لاڳاپيل پوليس فوري ڪاروائي ڪري مبينه طور تي واقعي ۾ ملوث جوابدارن ۾ محمد عمر ولد محمد رمضان ۽ محمد سلام ولد محمد فريد کي گرفتار ڪري تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي.
