ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بم ڊسپوزل اسڪواڊ نارٿ ناظم آباد ۾ سي اين جي پيٽرول پمپ تي ٿيندڙ ڌماڪي جي جاچ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، گذريل ڏينهن نارٿ ناظم آباد ۾ سي اين جي پيٽرول پمپ تي ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ پيٽرول پمپ تي ٿيندڙ ڌماڪي جي رپورٽ تيار ڪري ڪليئرنس ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سوئي سدرن گئس ڪمپني جي پيٽرولنگ ٽيم به حادثي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ صورتحال جو جائزو ورتو. پوليس موجب رهتن جي عدم ادائيگي تي هڪ مهيني کان پمپ کي گئس سپلاءِ بند آهي، پمپ تي رڳو پيٽرول وڪرو ڪيو پئي ويو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ رپورٽ ۾ چيو آهي ته پمپ جي اليڪٽرڪ روم ۾ پراڻي اي سي هئي، ڪمرو مڪمل بند هو ۽ گئس خارج ٿيڻ لاءِ ڪا دَري نه هئي، گئس پريشر ٺهڻ سبب ڪمري جي اليڪٽرڪ پئنل ۾ شارٽ سرڪٽ سبب ڌماڪو ٿيو. پوليس موجب پيٽرول پمپ تي اليڪٽرڪ روم جي شيشي جي دَر جي ويڪر 12 ملي ميٽر هئي، اليڪٽرڪ روم ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو ته شيشي جو گيٽ ڀڄي پيو، دَر جا شيشا ماڻهن کي لڳا، جنهن سبب فوتگيون ٿيون.
110