467

پيپلز پارٽي جي اعتراض باوجود پوليس آفيسرن جي بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري

پيپلز پارٽي جي اعتراض باوجود پوليس آفيسرن جي بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي(رپورٽ: وحيد ميمڻ) اليڪشن ڪميشن  جي اجازت کانپوءِ سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقررين جو آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا پاران جاري نوٽيفيڪشن موجب پرنسپل ٽريننگ سينٽر شھدادپور ساجد امير سدوزئي کي بدلي ڪري ايس ايس پي ڏکڻ زون ڪراچي مقرر ڪيو ويو، قمر رضا جسڪاڻي کي بدين ضلعي مان بدلي ڪري ايس ايس پي جيڪب آباد, ايس ايس پي عامر عباس شاھ کي جيڪب آباد مان بدلي ڪري سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جي حڪم ڏنو ويو. بشير احمد بروھي کي ايس ايس پي ڪشمور ۽ اتان بدلي ڪيل مير روحل کوسو کي ايس ايس پي بدين مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته سھائي عزيز ٽالپر کي ايس ايس پي نوشھروفيروز مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اتان بدلي ڪيل ايس ايس پي عابد علي بلوچ کي سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، زبير نظير احمد شيخ کي ايس ايس پي سکر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اتان بدلي ڪيل ايس ايس پي عرفان علي سمون کي سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، محمد ڪليم کي ايس ايس پي قمبر ايٽ شھداد ڪوٽ مقرر ڪيو ويو، جڏھن ته  اتان بدلي ڪيل  محمد آصف رضا کي سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ جو چيو ويو آهي، سيد علي آصغر شاھ کي ايس ايس پي مٽياري مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اتان بدلي ڪيل ايس ايس پي نور الحق رند کي سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي .
 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو