107

ڪورونا سبب 10 ڄڻا فوت، 60 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين وارن شهرن ۾ پابنديون ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب 10 ڄڻا فوت ۽ 650 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 45690 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 650 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، ٻئي طرف سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض فوت ۽ 477 نوان ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته 51 ڄڻا صحتياب ٿي ويا آهن، هوڏانهن  60سيڪڙو آبادي کي ويڪسين لڳائڻ وارن شهرن ۾ پابنديون ختم ڪرڻ جو فيصلو،  وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ڪورونا صورتحال ۽ مختلف شهرن جي  مڪمل  ويڪسينشن صورتحال جو تفصيلي جائرو ورتو ويو، اجلاس ۾ 60 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين لڳائڻ وارن شهرن ۾ پابنديون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،اسلام آباد منڊي بهاوالدين، گلگت ۽ ميرپور کي 60 سيڪڙو کي ويڪسين لڳائڻ تي ويڪسين شده شهر قرار ڏنو ويو آهي،60 سيڪڙو ويڪسين شده شهرن ۾ شادي تقريبن، راندين، ڪاروبار، مزارن ۽ ٻين شين تان پابندي هٽائي وئي آهي، جڏهن ته ٻين شهرن ۾ 40 سيڪڙو آبادي کان گهٽ ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جي ڪري ويڪسين جي شرح کي گهٽ قرار ڏنو ويو، بهترين ويڪسين شده شهرن ۾ اندروني ۽ ضلعي اندر سفر ۾ مسافرن جو تعداد وڌائي 100 سيڪڙو ڪيو ويو، ويڪسن شده مسافرن جو تعداد 80 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو