اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي 10 مهينن دوران رڪارڊ مهانگائي، کنڊ، گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل سميت ٻيون شيون چوٽ چڙهي ويون آهن، رپورٽ موجب شماريات واري وفاقي اداري مهانگائي بابت انگ اکر جاري ڪيا آهن، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 10 مهينن ۾ کنڊ 20 رپيا 50 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي آهي، جيڪا هاڻي 120 رپين تي پهتي آهي، آڪٽوبر دوران اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 224 رپيا 72 پئسا مهانگو ٿيو آهي، 1198 رپيا 50 پئسن تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته گيهه في ڪلو 101 رپيا 16 پئسا، بصر 3 رپيا 44 پئسا، ٽماٽا 13 رپيا 26 پئسا ۽ پٽاٽا 13 رپيا 23 پئسا في ڪلو مهانگا ٿيا آهن، جنوري کان آڪٽوبر دوران کير في ليٽر 7 رپيا 30 پئسا، مسور جي دال 27 رپيا 34 پئسا ۽ چڻن جي دال 7 رپيا 87 پئسا مهانگي ٿي آهي.
103